ٽن مهينن ۾ ملڪ کي 50 ڪروڙ ڊالرن جو نقصان ٿيو: شهبازشريف

لاهور (م ڊ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته سستي بجلي وارا پلانٽ هلائڻ بدران مهانگي بجلي ٺاهي قوم جا کيسا ڪَٽيا ويا،لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيپرا جي اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ حڪومت جي ڪوڙ جو ثبوت آهي، رڳو 3 مهينن ۾ قومي ناڻي کي 50 ڪروڙ ڊالرن جو نقصان حڪومتي ڏوهن جو ثبوت آهي،هن چيو ته حڪومت مارڪيٽ کان 30 سيڪڙو مهانگي ايل اين جي خريد ڪري عوام سان ظلم ڪيو، اڄ ٿا ٿي رهيو آهي اهو نيب کي نظر نه پيو اچي، نيب 5 سال پراڻن معاهدن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رهيو آهي،سندس چوڻ هو ته سياسي انتقام سان ڀريل حڪومت ۾ به اسان جي خدمت ۽ ايمانداري جي شاهدي اچي رهي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.