لاڙڪاڻي پسند پرڻي بعد عورت گم، عدالت ۾ پٽيشن، مڙس جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ حاجي ساجن پنهور جي رهواسي رڪشا ڊرائيور نوجوان پاڪ ڪتاب کڻي مبينا اغوا ٿي ويل گهر واري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي رڪشا ڊرائيور نوجوان عبدالوحيد پنهور صحافين آڏو دانهيو ته مون 2 اپريل تي ڳوٺ محمود پنهور واسي ناري افسانه پنهور سان پسند جو پرڻو ڪيو هو شادي بعد آءُ پنهنجي گهر واري افسانه کي اسلام آباد وٺي رڪشو هلائي پيٽ گذر ڪندو هيس جتي اڍائي مهينا اڳ ڳوٺ جي بااثرن غلام علي ابڙو، تاج محمد، ماستر شاهنواز، نظير پنهور ۽ ٻين مون کي پنهنجي گهر واري سان ڪوڙ ڳالهائي ڌوڪي سان لاڙڪاڻي گهرائڻ بعد ڪار ۾ کڻي رستم ٿاڻي جي حد فيضو بنگلو ۾ کڻي هڪ جڳهه ۾ قيد ڪري مون کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي نشي جي انجيڪشن هڻي بيهوش ڪرڻ بعد گهر واري افسانه کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، هوش اچڻ تي مون ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ گهر واري جي ڳولا ڪئي پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو بعد ۾ بااثرن غلام علي ابڙو، تاج محمد، ماستر شاهنواز، نظير پنهور ۽ ٻين پوليس وٽ اعتراف ڪيو آهي ته انهن منهنجي گهر واري افسانه کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري مون لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي پٽيشن داخل ڪرائي جيڪو ڪيس اڃان تائين هلندڙ آهي. هن چيو ته اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تي رٿيل آهي جنهن ۾ عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ يا ايس ايس پي شڪارپور تنوير تونيو کي روبرو عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن گهر واري کي قتل ڪيو ويو آهي ته ان جو لاش ڏنو وڃي پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري آءُ سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيان. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته گهر واري جي ڳولا ڪرڻ سان گڏ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.