سنڌ حڪومت لاقانونيت جو راڄ قائم ڪيون ويٺي آهي: اين جي کوسو

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ) خيرپورناٿن شاھ ۾ عوامي پورهيت تحريڪ پاران مقامي هوٽل تي فڪري ڪچهري جي هيٺ نظرياتي،سياسي، تعليمي پروگرام منعقد ويو، پروگرام ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر  نامياري قانوندان ايڊوڪيٽ جي اين کوسو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم جو وجود هن وقت خطري ۾ آهي سنڌين جي زمين سنڌو درياء وسيلن ۽ نوڪرين تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن  هن چيو ته  سنڌ ۾  بدامني عروج تي آهي پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ لاقانونيت جو راج قائم ڪيون ويٺي آهي سنڌ جي عوام کي پيپلزپارٽي جي صوبائي سرڪار ۽ وفاق ۾ پي ٽي آئي سرڪار خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري پنهنجي جان انهن حڪمرانن کان آجي ڪرائڻي پوندي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار خلاف جدوجهد جو ڍونگ رچائي پئي بلڪل ائين جيئين پي ٽي آئي سرڪار پيپلزپارٽي جي صوبائي سرڪار جي ڪرپشن جي خلاف ويڙھ جو ڍونگ ڪري پئي، مستقبل ۾ سنڌ جي قوم تاريخ کي شديد قسم جي مذهبي انتها پسندي کي منهن ڏيڻو پوندو هن وقت وطن دوست ڌرين کي گهرجي ته سنڌي عوام کي سياسي شعور ٿيڻ جي جدوجهد ڪن جيئين پنهنجي قومي وجود کي بچائڻ لاء درست جدوجهد جي واٽ وٺي سگهي، پروگرام کي عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ قبائليت ۽ جاگيرداري نظام جي ور چڙهيل آهي روز نياڻين جو قتل عام ٿئي ٿو، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ميسر ناهن جيسيتائين سنڌ جي عورتن کي سياسي تعليم نه ڏٻي ۽ قومي جدوجهد ۾ حصيدار نه بڻائبو تيسيتائين ڪابه قوم قومي تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهندي ، ان موقعي تي نياز حسين، ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگهيو، ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي ۽ ٻين پڻ تقرير ڪئي، پروگرام ۾ ايس يو پي جي اڳواڻن غلام محمد گاڏهي، حسين آزاد لغاري، طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻن عيسي’ چانڊيو ، ماجد ٻگهيو ۽ ٻين ڪارڪنن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.