فواد ن ليگ قيادت بدران عوام جي ڳڻتي ڪري: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٽاس تي آيل حڪومت ٽاس تي هلي رهي آهي،وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته ٽاس تي عهدا وٺڻ وارا پنهنجون نوڪريون بچائڻ لاءِ روز اهڙا بيان ڏيندا آهن،هن چيو ته توهان نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي جي ڳڻتي ڇڏيو پر اٽي، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائن جي ڳڻتي ڪيو، عمران صاحب جا ڀاڙي جا ترجمان ان عوام جي ڳڻتي ڪن، جيڪو مهانگائي ۽ بيرزوگاري جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي،سندس چوڻ هو ته ن ليگ قيادت محفوظ هٿن ۾ آهن، توهان ڊالر جي اڏام روڪيو.

نائيجيريا ۾ ڳوٺن تي حملا، 19 ڄڻا مارجي ويا

 

ابوجا (م ڊ) نائيجيريا ۾ هٿياربندن ڪيترن ڳوٺن تي حملو ڪري 19 ڄڻن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا. چيني خابرو اداري مطابق پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته اولهندي صوبي نائيجيريا ۾ هٿياربندن طرفان ڳوٺن تي حملي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا آهن. هن چيو آهي ته هٿياربندن رات جي وقت ڳوٺن تي گوليون هلايون جنهن جي نتيجي ۾ 19 مارجي ويا آهن.

چيني پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان رابطو

بيجنگ (اي پي پي)چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان  سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ملڪن وچ۾ دوستاڻا لڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، ميڊيا رپورٽن موجب چين جي پرڏيهي وزير گذريل مهيني چين ايران سفارتي لڳاپن جي قيام جي 50هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي ايراني هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ ۽ قومي جرئت ۽ بهادري جو ڏينهن آهي. 6 سيپٽمبر تي دشمن ملڪ جي فوج عالمي سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي اڌ رات جو پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته پوري قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي جنهن دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جو نه رڳو عزم ڪري رکيو آهي پر ان جي لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن شروع ڪري دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.