ڪنڌڪوٽ ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ضلعي شڪارپور پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل امداد ملڪ جي وارثن پاران شڪارپور ضلعي جي پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي فل فراءِ ڪرڻ واري عمل ۽ زيادتين تي عدالت جو در کڙڪائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان امداد ملڪ جي وارثن خان محمد ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي جي پوليس ظلم ڪيو آهي.تعليم يافتا نوجوان کي ناحق ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي ۽ اهڙي پوليس جي ظلم تي ڪڏهن به خاموش نه وهنداسين هنن چيو ته احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق هو پر شڪارپور ضلعي جي پوليس لاش به شرطن عيوض حوالي ڪيو ويو هنن چيو ته پوليس اسان کان لکت ورتي ته لاش ڏيڻ عيوض اوهان پوليس خلاف احتجاج نه ڪندئو هنن چيو ته پوليس جي اهڙي ظلم بربريت خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي شڪارپور ضلعي جي پوليس سان قانوني جنگ ڪندي نوجوان امداد ملڪ جي خون جو حساب ورتو ويندو ۽ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.