باڊهه واسي نينگر گم، وارثن نصيرآباد ۾ احتجاج

نصيرآباد(ن ع آ) باڊھ لڳ ڳوٺ گابر مسڻ جو نوجوان 16 سالا حاجن ولد قدير مسڻ گذريل سومر کان گھران نڪري ويو آهي جنھن جي مٽ مائٽن۾ ڳولا باوجود ڪو بہ ڏس پتو نہ مليو آهي والدين مطابق پوليس کي بہ اهڙو اطلاع ڏنو ويو آهي پر هن وقت تائين ڪا بہ اڳڀرائي نہ پئي ٿئي جنھن سبب سندس والدين سخت پريشان آهن هنن وسوارن کي اپيل ڪئي تہ خدارا اسان جي نوجوان کي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.