قلندر جي نگري ۾ بدامني ، شهر مان چوريون معمول، احتجاج

سيوهڻ(ن ع  قلندر جي نگري سيوھڻ مان امن جو پکي اڏامي ويو ۽ ڏوهارين پوليس جون متيون منجهائي ڇڏيون آھن جنھن سبب شھر اندر چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آھن ڪالھ رات شھر جي مين دادو سيوھڻ روڊ تي چوري جي ٻي وڏي واردات ٿي آهي جنهن ۾ ڌمال چوڪ ڀرسان نامعلوم چورن موبائل جي دڪان جي ڇت کي کاٽ ھڻي لکين روپين جون 65 موبائلون ۽ 3 لک روپيا ڪيش کڻي آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن بعد دوڪان جي مالڪ سيد نجف شاهه سيوھڻ پريس ڪلب پھچي واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي  تي موبائل جي ھول سيل واپاري سيد نجف شاھ, سيد صفدر شاھ ۽ سيد حامد شاھ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته رات جي وقت چور  موبائل جي دڪان جي ڇت کي کاٽ هڻي لکين روپين جون 65 کان وڌيڪ قيمتي اينڊرائيڊ سيٽ جنهن جي ماليت 24 کان 25 لک آھي ۽ 3 لک ڪيش چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھن چيو ته وچ شهر مان چوري پوليس لاء سواليا نشان آھي چور ۽ ڏوهاري پوليس کان زور آھن جو سيوھڻ شھر اندر ڏوھن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد  ۽ ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن امان کي قائم ڪري ڏوھارين کي جلد گرفتارڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.