زيادتي بعد قتل ڪيل نينگر جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ آريجا برادري ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي جتي هنن نٽهڻ
اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي بعد ۾ هنن پريس ڪلب اڳيان پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن بئنر، پلي ڪارڊ ۽ نوجوان جي تصويرن وارا بئنر هٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آريجا برادري جي سردار محسن آريجو، سردار عدنان آريجو پ پ  شهيد ڀٽو اڳواڻ فقير حبيب پتوجو، لياقت علي عمراڻي ۽ ٻين چيو ته نوجوان شاگرد محمد صديق آريجو جي والدين ڪجهه عرصو اڳ خيرپور شهر مان لڏي پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ نور محمد آريجو ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي جتان گذريل 29 آگسٽ جي ڏينهن نوجوان محمد صديق کي ورغلائي سنڌو درياهه تان مڇي مارڻ بهاني وٺي جوابدارن عبدالرزاق ۽ مبين احمد خاصخيلي اغوا ڪري کين ڪيلا ڪيٽي ۾ کڻي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي سندس جسم جي هڏيون ۽ پاسيريون ڀڃين کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي ان جو لاش جهنگ ۾ اڇلائي جانور جي حوالي ڪيو بعد ۾ وارثن طرفان نوجوان جي ڳولا ڪئي وئي پر سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو ۽ ٻن ڏينهن بعد نوجوان جو لاش جهنگ مان هٿ ڪيو ويو. هنن چيو ته نوجوان محمد صديق آريجو جي واقعي جو ڪيس سندس ڏاڏي مشتاق احمد آريجو جي فرياد تي حد جي پير جو ڳوٺ ٿاڻي تي ٻن جوابدارن عبدالرزاق ۽ مبين خاصخيلي مٿان داخل ڪرايو جنهن تي پوليس کين گرفتار ڪرڻ بعد چالان ڪري جيل اماڻي ڇڏيو. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته معصوم شاگرد محمد صديق آريجو جي قتل واري واقعي ۾ ٻيا به جوابدار ملوث آهن. هنن چيو ته واقعي کي 8 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين ايس ايس پي خيرپور مقتول شاگرد جي وارثن وٽ دعا گهرڻ لاءِ به نه آيو آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.