محرابپور لڳ مڇي فارم تان گم ٿيل نوجوان جو پتو نه پتو، اغوا شڪ، احتجاج

محرابپور ( ن  ع آ )  محرابپور ڀرسان ڳوٺ محمد عارف حاجي واسي مڇي فارم تي ڪم ڪندڙ پورهيت پراسرار نموني گم ٿي ويل 34 سالا عبدالفتاح راڄپر جو ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جڏهن ته محرابپور پوليس پڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي، جنهن سبب نوجوان عبدالفتاح جي گهر ڀاتين وارثن ۾ سخت ڳڻتي ۽ خوف واري لهر ڇائنيل آھي، جڏهن ته پورھيت عبدالفتاح راڄپر جي وارثن پاران مسلسل ڳولا ڪرڻ بعد پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽوٻا گھرائي مڇي جي تلاءَ  ۾ پورھيت جي ڳولا ڪئي پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو ٻئي پاسي پراسرار نموني گم ٿيل پورهيت جي وارثن واقعي کي اغوا قرار ڏنو ويو آھي ۽ مبينه اغوا ٿيل پورهيت جي والد حاجي الھرکيو راڄپر ۽ ڀاءُ  عبدالغفار راڄپر جي اڳواڻي ۾ محرابپور ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو آهي پورھيت جي ڳولا  لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ڪيون آھن، پر ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته گذريل جمعي ڏينهن کان پورهيت گم آھي، جنهن کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آھي، پر اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي اسان غريب پورهيو ڪري گذرڻ سفر ڪندا آھيون، ھنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي  ته پراسرار گم ٿي ويل پورھيت عبدالفتاح راڄپر جي ڳولا ۾ ٽيڪنيڪل ٽيم جوڙي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.