`پنو عاقل لڳ گهر تي ڪاهه، تشدد، عورتون سميت 5 زخمي، احتجاج

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنو عاقل لڳ ڳوٺ جمعو ڀٽو جي پورهيتن ارشاد حمد ڀٽو، سعد الله ، گلبار ، ساجد ، راشد ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات برادري جي ھٿياربندن حفيظ الرحمان (عرف )مٺو، شفيق، محمد علي،  عاشق ڀٽو ۽ ٻين ڌاڙيلن جيان گھر ۾ گھڙي ٻن عورتون سميت پنجن ڄڻن کي ھٿيارن جا ڪنداڪ،لٺيون ڏنڊا سران ھڻي سخت زخمي ڪيو ھو،جنھن دوران اسان حفيظ ۽ شفيق ڀٽو کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو ھو،سٽي پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران ھٿياربندن کان ڏوڪڙ وٺي کين کي باعزت ڇڏيو  ۽ پوليس اسان کي پنھنجو گھر خالي ڪرڻ سان گڏ سخت نتجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھي آھي گھر به اسان جو کاتو به اسان جو ۽ حملو به اسان تي عورتون مسمات ارشاد، مسمات حميده،ارشاد، عبدالرحمان، اشفاق سميت اسان پنجن ڄڻن کي رتو رت ڪري گھر مان ٽپڙ کڻي ٻاھر اڇلائڻ دوران اسان ھٿياربند حفيظ ۽ شفيق کي سوگھو ڪري بروقت پوليس حوالي ڪيو ان وقت ايس ايڇ او اسان سان حملي مامري ۽ ٻن ڄڻن پڪڙئڻ بابت جيڪا معلومات ورتي اھا رڪاڊنگ موجود آھي،جيڪا سومر ڏينھن اسان ھاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسون، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.