پيرڳوٺ ۾ خيرپور واسين جو احتجاج، پوليس تي پيءُ کي گم ڪرڻ جو الزام

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) خيرپور جي مل ڪالوني جي رهواسي شاگردن  برڪت علي، شفقت علي، عظمت، ذوالقرنين ڀٽي  پيرڳوٺ ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بااثر نذير ڦلپوٽو  بنا جواز اسان جي والد شعيب ڀٽي خلاف من گهڙت ڪيس داخل ڪرائي  پوليس جي چڙهائيون ڪرائي اسان جي والد کي کنڀي گم ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس ۽ بااثر  ناحق پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ظلمن ڪري اسان جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي ۽ اسڪولن دانهن  وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي اهڙي صورتحال ڪري اسان سخت پريشان آهيون. هر وقت زندگي کي خطرو رهي ٿو. هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر کان گهر ڪئي ته پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي والد کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.