ڌرتيءَ جي ڌي ءُ

تحرير؛مھاديو مڪواڻو

ھن دنيا ۾ ڪجھه ماڻھو جي نه پيدا ٿين ھا ته دنيا جي حالت اھا نه ھجي ھا جيڪا آھي. ڪجھه ماڻھن جي ادا ڪيل ڪردار کي ھڪ پاسي رکي انھن جي ڪردار کان سواءِ جي دنيا ڏانھن نظر ڪبي ته محسوس ٿيندو، ھا! جي اھي ماڻھو پنھنجو ڪردار ادا نه ڪن ھا ته واقع ڪالهه جي دنيا جي شڪل اھڙي نه ھجي ھا جيڪا آھي. دنيا جي خوبصورت چھري جي حسن تي داغ ڪڏھن ڪنھن بم جي ڦاٽڻ جي ڪري ٿيندا رھيا آھن ته ڪٿي لڪيرون پئي ڪڍيون ويون آھن، ۽ خاردار تارن سان حسين ڌرتي جي زلفن کي باندي پئي بڻايو ويو آھي. ڌرتي جي گولي جي زخمن تي مرھم رکڻ جي لاءِ، ڌرتي جون زلفون سنوارڻ جي لاءِ انيڪ املھه ماڻھو ڪردار ادا پي ڪندا رھيا آھن. اھڙن ڪردارن سان اسان جي تاريخ ڀري پئي آھي.

بيشڪ تاريخ جا سمورا ڪردار تاريخ ۾ درج ٿي نه سگھيا آھن، يا اھي ماڻھو جن جي خدمتن کي وساريو به ويو آھي، ساڳي ريت اھڙابه تاريخ ۾ سوين ڪردار آھن جن جو خاص ڪردار رھيو نه آھي پر تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آھي؛ ھي الڳ بحث آھي ته تاريخ جي ڪتابن جي حوالن کان سواءِ عوام جي دلين ۾ انھن جا نشان به نٿا ملن. اھو ظلم به ته رھيو آھي ته تاريخ جي ڪاغذن تي انھن ماڻھن جو قبضو رھيو آھي جن جو تاريخ سان، عوام سان، تاريخ جي مستقبل سان ڪو لڳاءُ نه رھيو ھيو، فقط انھن جو پنھنجي نالن سان واسطو ھيو جنھن ڪري درٻاري تاريخ لکندڙن کان پنھنجن ڪردارن کي انھن ايئن لکرايو جيئن انھن چاھيو پئي.

ڪاش تاريخ ۾ اھو ڪجهھ درج ھجي ھا جيڪو حقيقت ۾ ماضي ۾ ٿيو پئي. جيڪو صحيح معنيٰ ۾ درج ٿيل ھجي ھا ته ڪالهه اسان جي ذھن ۾ اھي مونجھارا ۽ وھم ايترا نه ھجن ھا جيترا ڪالهه جي انسان جي ذھن ۾ آھن.تاريخ ۾ ڪجهھ اھڙا نظريا عام ٿيل ملندا جن کي فقط نالا تبديل ٿي مليا ۽ مقبوليت ملي وري  اُھي نظريا ڪنھن نه ڪنھن جي حصي اچي ڪري تاريخ جو حصو به ٿي ويا پر جن جي نالن سان آھن انھن جو ڪوبه ڪردار نه ملندو، ڪي اھڙا ڪردار به آھن جن کي ھٿن سان ٺاھي ٺوڪي رکيو ويو جنھن جي شاھدي به تاريخ ۾ آھي. ھزارين اھڙا عوامي ڪردار به آھن جن پنھنجي سڄي حياتي انسان ذات جي فلاح و بھبود ۾ گذاري، انھن عوامي ڪردارن جو به تاريخ ۾ ھڪ باب ملي ٿو، جيئن ته اھو مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ۽ عالمي سطح کان ويندي اسان جي ارد گرد تائين اسان جي سوين ڪردارن جا نالا ان باب ۾ درج ٿيڻ جي لاءِ اھل آھن پر انھن کي مڃتا ملي نه سگھي آھي.

”تاريخ جا ڪوڙ پڙھڻ ڪير به نٿو چاھي پر ھر دور جي سلجھيل ماڻھن کي  انھي ڪوڙ جي ڍير مان ذرو سچ ڳولھڻ جي لاءِ پڙھڻو پوي ٿو“

تاريخ جا اھي چند سچا پچا ماڻھو جن ھزارين سختيون سھي، رات ڏينھن محنت ڪري، پنھنجو سڀ ڪجھه ھارائي، انسان ذات جي اميد جي لاءِ اھڙا گس گھڙيا آھن جن ڪردارن کي دنيا راھ جو مشعل بڻائي ڪيئي منزلون طئي ڪيون آھن ۽ انسان ذات جي لاءِ مشڪلاتن ۾ آسانيون پيدا ٿيون آھن،. انھن ماڻھن مان مڌر ٽريسا ھڪ اھم شخصيت آھي. جنھن دنيا ۾ پيار ۽ امن جي پيغام کي عام ڪيو ۽ ڪروڙين ماڻھن جي دلين ۾ پنھنجو بلند مقام پيدا ڪيو. ھڪ دور جنھن ۾ ساري دنيا جديد ھٿيارن جي مقابلي ۾ رڌل ھئي، ھر قوم ٻي قوم کان طاقتور بڻجڻ جي لاءِ ڪوششان ھئي، جنھن ڊوڙ ڪيئي جنگين کي جنم ڏنو ۽ وري جنگين کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ فورن ترجيح وڌيڪ طاقتور ھٿيار ٺاھڻ کي ڏني پئي، جنھن دور ۾ انسان انسان جو کڪالهه بڻيل ھيو ان نازڪ دور ۾ مڌر ٽيريسا امن، آشتي، پيار ۽ ھڪ ٻئي جي سار لھڻ جي تعليم و پيغام کي عام ڪيو جيڪو دنيا جي حسين چھري کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ نھايت ئي اھم ھيو.

مڌر ٽيريسا 18 سالن جي عمر ۾ آئرلينڊ جي ھڪ فلاحي اداري سان ڪم شروع ڪيو ۽ ترت ئي سکيا ختم ٿيڻ کان بعد اداري جي طرفان ڀارت وڃي ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي ويئي ۽ ڀارت ۾ اچي ڪري مڌر ٽيريسا ھڪ اسڪول ۾ استاد طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪلڪتي ۾ مڌر ٽيريسا جو زندگي جو تمام گھڻو وقت گذريو، جنھن جي دوران ڪلڪتي جي غربت جي حالتن کيس جي روح کي جنجھوڙي ڇڏيو ۽ انھن بي سھارا ماڻھن جي مدد جي لاءِ انھن جي پريشانين کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ھڪ اداري جو آغاز ڪيائين جنھن مشن جو بنيادي مقصد ھيو انھن ماڻھن جي سارسنڀال لھڻ جي سار لھڻ وارو ڪير به نه ھيو.

مڌر ٽيريسا کي 1979 ۾ امن جو نوبل انعام ڏنو ويو، ان سان گڏوگڏ ڀارت توڙي ٻين تمام ملڪن مان مڌر ٽيريسا کي انعام ۽ اعزاز مليا. مڌر ٽيريسا خيراتي، بي لوث ڪم جي علامت بڻجي وئي ھئي. جنھن تمام عمر پنھنجي مقصد کي سامھون رکي زندگي گذاري ۽ لکين ماڻھن جي مسيحا ٿي رھي. ڌرتي جي عظيم ڌيءُ 87 سالن جي عمر ۾ 5 سيپٽمبر 1997 ۾ ڪلڪتي ۾ پنھنجن لکين گھر ڀاتين جي وچ ۾ وفات ڪري ويئي، ڪيس جي وفات کان اڳ ئي ڀارت ۾ ديوي وانگر پوڄيو ويندو ھيو ۽ وفات کان پوءِ مڌر ٽيريساجون تعليمات عوام ۾ توڙي عوام جي فلاح جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ تمام گھڻيون مقبول ٿيون. مڌر ٽيريسا جي ورسي جو ڏينھن 5 سيپٽيمبر آھي، بين القوامي اداري، رضاڪارانه فلاحي سرگرمين جي لاءِ ماڻھن ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ 5 سيپٽمبر کي ”چيئرٽي/خيرات جو عالمي ڏينھن“ مقرر ڪيو ۽ ھر سال اھو ڏينھن مڌر ٽيريسا جي خدمتن کي ياد ڪرڻ سان گڏ پنھنجي آس پاس جي اٻوجھه ماڻھن جي مدد جي لاءِ اسان کي متحرڪ ڪري ٿو.

ھن وقت جيڪو اسان جون پريشانيون آھن انھن جو ھڪڙو ڪارڻ ھي به آھي ته اسين انتظار ۾ آھيون ته ڪو مسيحا، ڪو ادارو، ڪو سرڪاري نمائندو ايندو ۽ اسان جي پريشاني دور ڪندو. جي فقط اسين پنھنجي ذات جي بھتري سان گڏ فقط ھڪڙي انسان جا ڏک ونڊڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيون تڏھن به اسان پنھنجي سماج کي مڪمل طور تي تبديل ڪري سگھون ٿا. ۽ يقين ڄاڻو اسان جي پسگردائي ۾ سوين ماڻھن کي اسان جي پيار، سنيھه ۽ مدد جي ضرورت آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.