ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي….منزل انتهائي ويجهي آهي!

ڪراچي هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي جنهن کي پاڪستان جو گيٽ وي به چوندا آهن، ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي، جتي ملڪ جي سڀ کان وڏي بندرگاه آهي، واپاري سرگرمين جو مرڪز ۽ مالياتي حب پڻآهي جيڪو تقريبا 36 ڪلو ميٽر چورس والن ۾ پڪيڙيل آهي. پاڪستان ريلويز ڪراچي شهر مان سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ رليويز جون وڌ کان وڌ اسٽيشنون آهن جيڪي آمدنيءَ جو سڀ کان وڏ ذريعو پڻ آهن. ڊرگهه روڊ اسٽيشن ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن جي روٽ سان گڏيل آهي.

1998ع ۾ ڪراچي شهر جي آبادي 4.2 سيڪڙُ سالياني جي نسبت سان وڌي رهي آهي ۽ اها اميد ڪئي پئي وڃي ته سال 2030ع تائين ڪراچي شهر جي آمدشماري 31.6 ملين آباديءَ کان به وڌي ويندي. ڪراچيءَ شهر جي وڌندڙ آباديءَ سبب شهر جو ترانسپورٽ سسٽم انتهائي شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، جيڪو شهر جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جون ضرورتون ڪنهن به طور تي پوريون نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته شهر جي ٽرانسپورٽ جي سسٽم کي پڻ جديد معيارن موجب ترقي نه ڏني وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو شهر جو موجوده ٽرانسپورٽ جو سسٽم شهرين جون سفري ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي.

1964ع ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي شروعاتي طور تي 26.56 ڪلوميٽڙ جي حصي تي ڊرگهه روڊ ۽ وزيرمينشن اسٽيشنن جي وچ ۾ غير اليڪٽرڪ ايٽ گريڊ سنگلنل ٽريڪ ريلوي طور هلايو پيو ويو، 1970ع ۾ ان کي وزير مينشن تائين وڌايو ويو. ڪراچي سرڪلر ريلوي جي روٽ جر ڊيگهه مجموعي طور تي 29.32 ڪلوميٽر آهي جنهن ۾ 16 اسٽيشنون ۽ 24 ڪراسنگ ليولز آهن. ڪراچي سرڪلر ريلوي جي مين لائن ڊرگهه روڊ کان شروع ٿيندي آهي جيڪا شاهراهه فيصل کان گذري بعد ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد، لياقت آباد، سائٽ جي آبادي وارن علائقن مان گذري آخرڪار آءِ آءِ چندريگر روڊ وٽ ڪراچي سٽي اسٽيشن وٽ پهچي ٿي.

1970ع ۽ 1980ع تائين ڪراچي سرڪلر ريلوي شهر جي ٻين عالقئن سميت سائٽ ايريا، ڪراچي بندر گاهه ۽ ان جي آس پاس وارن ڪاروباري علائقن تائين عوام جي آمدررفت لاءِ انتهائي اهم ذريعو هو. 1985ع دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي روزاني جي بنياد تي 93- ريلون هلائي6.4 ملين مسافرن کي سفر جون سهولتون فراهم ڪيون. 1985ع بعد ڪراچي سرڪلر ريلوي جي حالت آهيستي آهستي خراب ٿيندي وئي ۽ آخر ڪار 1999ع ۾ بند ڪئي وئي. ڪراچي سرڪلر ريلوي سست رفتاريءَ، ريلن جي گهٽتائي، باقاعدگي نه هجڻ سبب بند ٿئي وئي جڏهن ته اهو ريلوي سسٽم شهرين کي انتهائي مناسب نموني سفر جون سهولتون فراهم ڪري رهيو هو.

ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جون سفارشون ٽرانسپورٽ متعلق تقريبا سمورين سفارشن ۾ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1999ع کان وٺي هن وقت تائين گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ڪراچيءَ ۾ چر پر جي سمورن ذريعن کي بهتر بنائڻ لاءِ جيڪي به منصوبه تيار ڪيا ويا انهن مان ڪراچي ماس ريپڊ ٽرانزٽ جي ضرورت کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي. جاپان انٽرنيشنل ڪو آپريشن اسٽريٽجيز پاران 2008ع کان 2013ع تائين هڪ جديد شهري ميٽرو ريل سسٽم جي طور تي ڪي سي آر جي بحالي ۽ ترقي لاءِ هڪ جامع مطالٿو ڪيو ويو ۽ ان جي مڪمل رپورٽ فيبروري 2013ع ۾ شايع ڪئي وئي. انهيءَ منصوبي تي عمل ٿي نه سگهيو جڏهن ته هڪ طرف روزاني جي بنياد تي مسافرن جون سهولتون گهٽجنديون ويون ۽ ٻئي طرف وري ريلوي جي روٽس تي قبضا ٿيندا ويا.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم نامي اي پي نمبر. 9/2021 تاريخ 6 مارچ- 2020 تحت حڪم جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي سميت انڊر پاس ۽ اوور هيڊ برجز جي انفرااسٽريڪچر کي تعمير ڪيو وڃيانهيءَ ڏس  سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته روڊ ٽريفڪ ڪنهن به طور تي ڪي سي آر جي ڪم ۾ مداخلت نه بنجي ڻه ئي وري ڪي سي آر جو ڪم ڪنهن هنڌ به روڊ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ بڻجي. سپريم ڪورٽ 10- آگسٽ 2020ع جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ هدايت ڪئي ته ايف ڊبليو او کي انڊر پاسز جي تعمير جو ڪم ڏنو وڃي ۽ ايف ڊبليو او کي گهرجي ته پنهنجي تجربي ۽ قابليت جي بنياد تي مليل ٺيڪي کي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪري.

ڪي سي آر جي روٽ ۾ 24 ڪراسنگ جي تعمير جو درپيش آهي جنهن ڪري انهن ڪراسنگ وارن هنڌن تان ٽريفڪ سميت عام ماڻهن جي گذرڻ ۾ پڻ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهن، انهيءَ ڏس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي 6- مارچ 2010ع جي ٻڌڻيءَ ۾ حڪم جاري ڪيا ته جيڪي ٻن حصن تي مشتمل آهن. الف- ڪراچي سرڪلر ريلوي کي اهڙي ئي نموني بحال ڪيو وڃي جيئن اها پنهنجي ختم ٿيڻ کان اڳ هُئي،

ٻ – سي پي اي سي تحت ٿيل رٿابندِ موجب ڪراچي سرڪرلر ريلوي کي مسلسل جدت طرف نيو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي پهرين هدايت جي تڪميل لاءِ پاڪستان ريلوي فوري طور تي پنهنجيون تياريون شروع ڪري ڏنيون ۽ ڪي سي آر کي 19- نومبر 2020 کان پپري کان ڪراچيءَ شهر ( 50 ڪلوميٽر) تائين آپريشنل ڪيو ويو آهي. ڪراچي شهر کان ارونگي اسٽيشن تائين وڌيڪ 14- ڪلو ميٽر ڊگهو ٽريڪ پڻ تيار ڪيو ويندو ريل جي سروس اورنگيءَ تائين وڌائي ويندي.

10- فيبروري 2021ع تائيم ڪي سي آر کي وڌيڪ توسيع ڏئي ريل لائن تي ليول ڪراسنگ ختم ڪري اوور هيڊ ۽ انڊر پاس تعمير ڪيا ويندا. هن وقت ڌاٻيجي اسٽيشن کان اورنگي تائي روزاني جي بنياد تي 02 ڪي سي آر ريلون هلي رهيون آهن ۽ سراسري طور تي ڏهه هزار مسافرن کي سفر جون سهولتون ملي رهيون آهن.

سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ٻئي حصي تي عمل ڪندي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ موڊ تحت هڪ جديد شهري ريلوي جي طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي کي ترقي ڏني پئي وڃي ان جي آپريشن ۽ سار سڀنال لاءِ فزيبليٽي اسٽيڊي ۽ ٽرانسزيڪشن ايڊوائزري سروس لاءِ ڪنسلٽنسيءَ جي رپورٽ تي عمل ڪيو پيو وڃي.

ڪنسلٽنسي هڪ اهڙي جديد سرڪلر ريلوي تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو ان مسئلي کي آسانيءَ سان حل ڪري ۽ ان مان وڌ ۾ وڌ معاشي فاعده حاصل ڪري سگهجن.

ماهرين تجويز ڪيو آهي ته جديد ڪي سي آر کي لائٽ ريل اسٽينڊرڊ گيج رولنگ اسٽاڪ جي بنياد تي جوڙيو وڃي۽ ان جو پي سي ون تيار ڪيو وڃي، جنهن جي لاڳت 22.963 ارب روپيه هُجي، جيڪا تيار ڪري 22- آگسٽ 2021ع تي منظُريءَ لاءِ ريلوي واري وزارت کي پيش ڪئي وئي.

پي سي ون جي دائري ڪار موجب، ڪي سي آر لوپ سيڪشن کان ليول ڪراسنگ جي خاتمي لاءِ ٽريفڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪو ڌانچو تجويز ڪيوويو آهي ان جي زمين هيٺ ڊيگهه هڪ ڪلوميٽر، 04 ايليويٽيڊ ٽريڪس 12.5 ڪلوميٽر، هڪ روڊ انٽر چينج ۽ ٻه ڪلورٽس شامل آهن.

اسپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي 10- آگسٽ 2020ع جي حڪمن تحت اها به هدايت ڪئي ته ايف ڊبليو او کي انڊر پاس جي تعمير جو معاهدو تقريبا 6- مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.