پي ڊي ايم جي واپسي ۽ ووٽنگ مشين جي آمد 

تحريير؛رياضابڙو

اسان جي لاءِ پي ڊي ايم به پي ٽي آءِ ثابت ٿي، معني ٰ رڳو ٺلها آسرا ۽ سکڻا ڏٽا، ڪي استعيفائن تي نه ٺهيا، ڪي لانگ مارچ کي ڊگهو ڪري ويٺا، ڪي اليڪشن ڪميشن وٽ فارين فنڊنگ جا ڪيس اٿلائي وري پاڻ ڊگها ٿي سمهي پيا، حلانڪه گجرانوالا واري جلسي ۾ نون ليگ جون ڀڀڪون، نوازشريف جا عسڪري ادارن جي شخصن تي سڌا لفظي حملا، انهن جا اڇا چٺا پڌرا ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھه نه هئي، (وري ڪراچي واري جلسي ۾ ڪيپٽن صفدر تي ايف آءِ آر ڪٽجڻ ان ڳالھه جو ثبوت هيو ته عسڪري شخصن جي به ڪو ناموس باقي ناهي) وري ڪوئٽيا واري هزارا قبيلي جي سانحي ۾ پي ڊي ايم وارن خان تي اهڙو پريشر وڌايو جو خان پيرين اگهاڙي وٺي هزارا قبيلي جي ماڻهن سان همدردي لاءِ ڀڳو ، معنيٰ هنن جي پريشر واري سياست ۾ دم هيو، هنن ته اليڪشن ڪميشن کي پريشر ڪيو ته فارين فنڊنگ جا ڪيس اٿلايو، جو ڪورٽ جي چوڻ تي هنن پي ٽي آءِ جا 4000 اڪائونٽ اٿلايا، شنوايون هلايون، پر وري چپ، ڇو ته سينيٽ واري اليڪشن جي اپ سيٽ پي ڊي ايم جي هوا ڪڍي ڇڏي هئي، جهڪا ٿي ويا هئا يا مصلحتن ۾ هنن وقت ٽپايو، پر هاڻي واري مخالفت جي مند وري وڏيون سياسي گرميون کڻي لهندي، هنن وٽ سياسي اسٽروڪ گھڻا آهن پر هي ڄاڻي ٻجهي پي ٽي آءِ جي جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪندا جو ”ساس بهي ڪبهي بهو تهي“ سڀاڻي هنن مان ئي وري ڪو حڪمران ٿيندو جيڪو وري اسٽبلشمينٽ جي آشيرواد تي هلندو، اسٽبلشمينٽ جي محبوبيت ڪم ڏيکاريندي، يا تيستائين اسٽبلشمينٽ به ڪنهن کي ٽيڏي اک جو اشارو ڪندي، اهي وري تتي تيار ٿي ويندا، اها راند ته پئي هلندي.

پي ڊي ايم کي عوامي سياست ڪرڻ کپندي هئي، مهانگائي جي خلاف ڪو مارچ ڪن هان، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگھن تي اٿي کڙا ٿين هان ته واهه ٿئين هان، ڇو ته پي ڊي ايم جي گهل گهوڙا جتي پي پيءَ کي به فائدو ڏنو اتي نون ليگ وارن به رڻ ٻاريو، معنيٰ هنن کي پنجاب جون سيٽون مليون، هنن کي 26 فيبروري تي مريم نواز جي خلاف نيب جي ٿيندڙ ڪارروائي ٺپ ٿي وئي، هنن جي خلاف براڊشيٽ ۾ هروڀرو جا لڳل الزام حڪومت جي ڳلي ۾ پئجي ويا جو تقريبن 1.2 ملين ڊالر هاڻي ۽ 2018 ۾ 22 ملين ڊالر ڀرين ڏنا هين ۽ اجايا ڪنهن نه ڪم جا ڏنڊ ڀري ڳچي ۾ پين، حمزا شهباز ٻه سال جيل ۾ رهي واپس آيو، شهبازشريف به سيپٽمبر 2020 ۾ مني لانڊرنگ ۾ جيل ويو وري اپريل 2021 ۾ جيل مان ڇٽي به آيو، معنيٰ پي ڊي ايم کي اهڙي مخالفت واري سياست مان وقتي فائدو ضرور مليو.

هاڻي به وقت ناهي ويو جڏهن حڪومت پنهنجا اڌا گابرا فيصلا مڙهي عوام کي نئين پاڪستان جي خواب ڏيکاري چريو ڪري سگهي ٿي ته اتي گهٽ ۾ گھٽ پي ڊي ايم جهڙي مُڏي ۽ انڌي منڊي مخالفت هنن کي ڪم کان وقتي طور تي روڪي ضرور ٿي، هاڻي وري پي ٽي آءِ وارن اليڪشن جا نوان طريقا ايجاد ڪري ورتا آهن، جو هنن اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين آڻي پاڪستاني عوام تي وڏو احسان ڪيو آهي، حڪومت ”فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ“ تي کڻي زور ڀريو آهي ته اهي اهڙي انوکي مشين جي لاءِ ريفرينڊم ڪرائن ته جيئن پي ٽي آءِ جو گھٽ ۾ گھٽ اهو خواب پورو ٿي سگهي جنهن ۾ نئون پاڪستان نه سهي پر نئين ووٽنگ مشين ته آڻي سگهن، ڇو ته ان ڪرڻ سان شفافيت، ايمانداري، ترت عملي ڪم، نئين دور ۾ ووٽن جي ڳڻپ، ٽائيم جي بچت، تڪڙا ۽ ترت نتيجا، ووٽنگ جي عملي جي ٿورائي ۽ گھٽ ۾ گھٽ چونڊن جي نتيجن جو عمل رنڊڪ ۽ روڪ کان آجو ڪري سگهي ٿو، ڇو اهي مشينون ترت ڪم اڪلائينديون، ووٽن کي آن لائين ڏسڻ، ڏيکارڻ ۾ ۽ اتي جو اتي ڳڻپ ۾ مدد ڏينديون، ڇو ته ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي ۽ آءِ ٽي جو عروج ٿو هلي، جتي سڀ شيون آءِ ٽيءَ واريون اچي ويون آهن، ڇو ته هاڻي اهو به آهي ته ماڻهو گهرن ۾ سمارٽ ٽي وي وائرليس پيا ڏسن، معني ڪيبل وارو دور آهستي آهستي مٽبو ٿو وڃي، فائيبر ڪيبل جي ڪري نيٽ جي اسپيڊ هاڻي تيز کان تيز تر ٿي وئي آهي، ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به پاڪستاني عوام اڃان تائين جي ووٽ مشينن جي ذريعي نه ڏئي ته پوءِ حيف آ ٽيڪنالاجي کي حيف آ پاڪستاني سرڪار کي جنهن هن دور ۾ ملڪ کي اهڙو جديد سسٽم ناهي ڏنو، معنيٰ اهڙا عزم ۽ ادارا کڻي پي ٽي آءِ سندار ٻڌا آهن ته ووٽنگ هن دفعي مشينن جي ذريعي ٿيندي، ان جي لاءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي آرٽيڪل ۽ ايڪٽ ۾ به ڦيرو آڻيندي معنيٰ سڀ ڪم سولا ٿيڻ وارا آهن، رڳو هي پي ڊي ايم وارا ٽريڪ تي اچن يا ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿين،

پي ڊي ايم وارن کي ننڊ مان جاڳ ئي هاڻي ٿي آهي،  هاڻي اٿي کڙا ٿيا آهن ته اليڪشن ڪميشن کي اهڙي ايڪٽ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ نه ڏينداسين، ڇو ته اليڪشن ڪميشن جي ”فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ“ جي مطابق اهڙي اليڪشن رفارمز جي ڪري پارٽين جي پوزيشن بهتر ٿيندي، اهي پاڪستان جي سياست ۾ نوان ٽرينڊس کڻي ايندا، ملڪ جي ڪنهن به چونڊن ۾ ڪا به ڌانڌلي نه ٿيندي، ان جي لاءِ هي ماڻهن ۾ جاڳرتا پڻ آڻيندا، سياسي اڳواڻن، پارٽين ۽ حلقن ۾ اهڙي سوچ بيدار ڪندا ته جيئن ماڻهو ان نئين مشين کي مَن ۽ عَن مڃي وٺن، ڪو اعتراض نه ڪن، پر پي ٽي آءِ جي سياست ۽ عقل جي ٽين اک هاڻي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آ، انهن جي اعتراضن ۾ اهو به آهي ته 70 واري اليڪشن ۾ ماڻهن صحيح ووٽ نه ڪيو هو، ان ۾ 17 سيڪڙو ووٽ به نه پيا هيا حلانڪه ان مهل 46 سيڪڙو ووٽ داخل هيا.

پر تاريخ ۾ ڏٺو ويو آهي ته چونڊن جي دوران عام ماڻهن ۾ اهڙو ڪو به زور شور يا شوق ۽ ولولو ناهي هوندو مڙئي اهي ماڻهو جن جي پارٽي سان لڳ لڳاءُ ۽ گهڻ گھريا هوندا آهن (يا جن کي فائدو ملڻو هوندو آ) اهي ئي ڀڄ ڊڪ ڪندا وتندا آهن، وڏي ورڪنگ ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن يا اليڪشن واري ڏينهن پارٽي جون پنهنجون گاڏيون پيون ڀڄنديون آهن جيڪي ماڻهن کي سنڀالي ۽ ڳڻي کڻي وڃي پنهنجن ڪيمپن ۾ ووٽن جون چٺيون ٺهرائي هٿ ۾ ڏئي ان مهل به گهڙي گهڙي سمجهائيندا ۽ پڙهائيندا آهن ته ”اسان جي پارٽي جو مٿي اميدوار هي اٿئي ۽ هيٺ اميدوار هي اٿئي هن نشان تي ووٽ هڻجانءِ، هئين ڪجانءِ هونءَ ڪجانءِ“ ۽ اندر وري انهن پارٽين جا ايجنٽ ويٺا هوندا آهن جيڪي مڙئي اکين اشارا ڪري ۽ کيڪاري ماڻهن جي پهراداري به ڪندا آهن ته متان هن کي ڪير اندر ڀڙڪائي يا ڦيرائي نه وڃي، يا ڪير اشارو نه ڏئيس، پوءِ اهڙي ڪلچر ۾ جنهن ۾ اڌ پڙهيل پاڪستان جا ماڻهو چٺي کي به مس سڃاڻيدا آهن انهن جي آڏو مشينن جي ڪهڙي حيثيت هوندي يا رهندي، پر ووٽنگ مشين جي اشوز جي ڪهاڻي ٻي آ، پر ملڪي پڙهيل لکيل ماڻهن جي شرح وري الڳ بحث آ، يا ائين به ناهي ته شهري ٽرن آئوٽ گھڻو هجي ٿو ۽ ڳوٺن مان ووٽن جي لاءِ ماڻهو نڪرندا ئي ناهن، حلانڪه ڳالھه ان جي ابتڙ آهي، معنيٰ شهري آبادي ته ان ڏينهن موڪل ملهائيندي آهي، ووٽن جي لاءِ ڪير نڪرندو ئي ناهي پوءِ ائين آهي ته ڪاڳرن تي ووٽ هجن يا مشيني ووٽ هجن ڏيڻا ته ڪنهن به صورت ناهن يا پي ٽي آءِ اهو ٿي سمجهي ته هنن جي 2018 واري اليڪشن واري رگنگ واري هئي ۽ هاڻي واري اليڪشن صاف، شفاف ۽ ايمانداري واري ٿيندي، يا پي ٽي آءِ وارا پنهنجو پاڻ کي ڦاسائن ٿا، پر هي اهو به سمجهن ٿا هيل هنن کي هڪ ووٽ به ناهي ملڻو، ان ڪري اهڙي حرفت ڪجي جو ٻيو حڪومت جو ٻيو وارو به وٺجي ۽ ماڻهن کي وري ڪنهن نئين نعري ۾ ڦاسائجي، پر پاڪستانين ته هنن جي ”ڪنٽينر سياست“ سمجهي ورتي آ، ڇو ته 2018 وارين چونڊن ۾ هنن کي 31 سيڪڙو ووٽ به نه پيا هئا، معنيٰ جيڪي آبادي جي 16 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽ مس هيا ۽ ڪل آبادي جي 8 سيڪڙو ماڻهن به ووٽ نه ڪيو هو، وري 2002 واري اليڪشن ۾ 53 سيڪڙو ووٽ پيا هئا، وري 2008 واري چونڊن ۾ ڪل 52 سيڪڙو ووٽ پيا هئا، يا وري 2013 وارين چونڊن ۾ ڪل 57 سيڪڙو ووٽ پيا هئا، ۽ هر دفعي هر اليڪشن ۾ 12 ملين عورتون ووٽ ڪنديون ئي ناهن جڏهن ته اهي رجسٽرڊ به آهن، يا ڪجھه اهڙا پوڙها مڙس به هوندا آهن جيڪي اهڙي اليڪشن ۽ ان کانپوءِ ان جي ايندڙ نتيجن جي ڪري اليڪشن جي پروسيس مان بنھه بيزار هوندا آهن، ان ڪري مشينن جي ڪري ٽرن آئوٽ وڌڻ وري پي ٽي آءِ جو نئون ڪو خواب هوندو، ڇو ته بهترين ۽ انقلابي حڪومت جيڪا واقعي ئي عوام جي لاءِ سوچي جنهن وٽ صوبن کان نفرت نه هجي، جيڪي رڳو لساني سياست تي ايمان رکندا هجن، جن وٽ اهو هجي ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي ۽ پاڻ کي ڪي پي جو وزيراعليٰ ثابت ڪرڻ ۾ وقت ٽپائي، پوءِ اهڙي سرڪار ڀلي اليڪشن ڪميشن جي ڪلهن تي ”فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ“ جا ٺلها ۽ سکڻا نعرا هڻي ته به ڪو اثر نه پوندو، ووٽ ڪاڳر تي ئي وٺن پر سياست سچي ڪن، ان ڪري پي ڊي ايم سرڪار جي اهڙي هٿرادو ۽ جڳاڙي ووٽن جي مشين تي احتجاج ضرور ڪري، ان کي رد ڪري ۽ ڪرائي ڏيکاري ته جيئن پي ٽي آءِ وارن کي ڏينهن جا تارا نظر اچن، يا چوندا آهن ته سڪرات ڏسي ماڻهن جو مرڻ تان روح کڄي ويندو آ، ان ڪري هنن جي سرڪار ڏسي ماڻهن جو ته حڪومتن تان ويساھ ئي کڄي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.