ٽنڊي آدم ڀرسان 3 ڄڻن جي آپگهات ڪوشش، اسپتال داخل

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي هڪ  عورت سميت 3 ڄڻن پاران آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش رپورٽ موجب ٽنڊوآدم واسي پرڻيل عورت جنا زال رامون ۽ سجاد علي ولد علي ڏنو گهريلو اڻبڻت سبب زهر پي ڇڏيو جڏهن ته ڳوٺ محبت مري جي نوجوان زاھد ولد الھڏنو مائتن کان ناراض ٿي زھريلي جيت مار دوا پي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم ۾ داخل ڪيو ويو آهي

ٽنڊي محمد خان لڳ وانا ۾ شهيد ٿيل فوجي اهلڪار جي تدفين

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر ) ٽنڊومحمدخان لڳ  ڳوٺ بجر خان ٽالپر ۾ پاڪ فوج جي شهيد  جوان سڪندرعلي خاصخيلي جي قبر تي پاڪ فوج جي جوانن پهچي حاضري ڀري ۽ کيس سلامي پيش ڪندي  گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ کيس گلن جون چادرون چاڙهيون  ،جڏهن انهي  سلسلي ۾ سال 2009وانا ۾ ٿيندڙ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ شهيد ٿيل ويل  فوجي جوان سڪندر علي خاصخيلي جي قبر تي پاڪ فوج جي دستي جنهن ۾ ليفٽينٽ اسامه ۽ ٻين فوجي جوانن ٽنڊومحمدخان ڀرسان ڳوٺ بجر خان ٽالپر قبرستان تي پهچي شهيد ٿيل فوجي جوان سڪندر علي خاصخيلي جي قبر تي حاضري ڀريندي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ قبر تي گل جي چادر چاڙهي دعا گهري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.