ماٿيلي مان کنڀيل شاگرد باسط گبول جي آزادي لاءِ احتجاج

ميرپورماٿيلو/جروار(رپورٽ پريم راٺوڙ+خالد حسين بوزدار) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ ميرخان گبول جو رهواسي باسط گبول کي کنڀي گمڪرڻ کي هڪ هفتو گذري ويو، نوجوان کي ظاهر نہ ڪرڻ خلاف وارثن نوجوان جي امڙ مسمات رابيلي گبول، مائي صبحانا، مائي نغما، مائي ڪنول، وحيد گبول، طارق، ممتاز گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي گُم ٿيل نوجوان باسط گبول جي امڙ ميڊيا آڏو روئيندي ٻڌايو ته منهنجو نوجوان پُٽ باسط گبول هڪ دوڪان تي مزدوري ڪندو هو هفتو اڳ گهر کان ميرپورماٿيلو دوڪان تي ويو ته شھر ٻاهريان نامعلوم گاڏي تي سوار ماڻھن هن کي کنڀي کڻي ويا آھن، جنھن کي هڪ هفتي کان وڌيڪ ڏينھن گذري ويا آھن پر ھن جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي آھي پر پوليس نوجوان کي ڳولڻ ۾ اسان جي مدد نه ٿي ڪري، هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.