ڊگهڙي ۾ واپڊا خلاف ڌرڻو، داخلي رستي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو

ڊگھڙي (رپورٽ: ڀاون شاهه ) ڊگھڙي جي بلوچ ڪالوني رهواسين پ پ ڊگھڙي سٽي جي جنرل سيڪريٽري نويد بلوچ، قاري عبداللطيف بلوچ، زاهد بلوچ، شھزاد بلوچ، نديم بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا خلاف باءِ پاس تي شھر جي داخلي گيٽن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسانجي پاڙي جو ٽرانسفارمر واپڊا وارن جي نااهلي سبب سڙي ويو اسان بار بار ايڪسيئن واپڊا ڊگھڙي، ايس ڊي او ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اسانجو جائز مسئلو حل ڪرائڻ جو چوندا رهياسين پر اسانجي ڪير هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو واپڊا اختياريون پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ شھرين کي تنگ ڪندا رهندا آهن، شھرين جي ڀلائي لاءِ واپڊا کي فوري طور تي خانڳي بڻايو وڃي هنن وفاقي وزير بجلي،چيف آف حيسڪو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته اسانجو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ سان گڏ اداري کي بچائڻ لاء خانڳي ڪيو وڃي ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڊي ايس پي ڊگھڙي ميرآفتاب ٽالپر ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.