هالاڻي ۾ گهرو تڪرار تان نو جوان قتل، ڪيس داخل

ھالاڻي ( رپورٽ :اعجاز خاصخيلي) هالاڻي ڳوٺ اسلام دين مھيسر ۾ گھرو تڪرار تان جوابدار عامر مھيسر کي تيز دار آلي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، اھڙي اطلاع ھالاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ اسپتال پھچايو جتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي والد سڪندر مھيسر ٻڌايو ته جوابدار ھڪ سال اڳ منھنجي گھر ۾ گھڙيا ھيا عورتن ۾ هٿ وڌا، اسان حنيف مھسير ۽ الاھي بخش مھيسر کي ڪٽڪو ڏئي مالڪن حوالي ڪيو ھو، عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي دانهن ڳوٺ جي وڏيري کي ڏني ھئي، جنھن پاڪ ڪتاب جي ٺاهه ڪرائي ڇڏيو ھو، پر جوابدار اڄ منھنجي گھر ۾ گھڙي منھنجي نوجوان پٽ عامر مھيسر کي تيز دار آلي سان مٿي ۾ ڌڪ ھڻي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، ٻئي طرف ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن ٻن جوابدارن الاھي بخش، حنيف مھيسر ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن تي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آھي، ٻئي طرف نوجوان جو لاش ڳوٺ پھچن تي سندس گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.