ٿرڪول بلاڪ ون ۾ مقامي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا، اهم عهدن تي ڀرتي ٿيل ڌارين جي لسٽ وائرل

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ٿر جي مقامي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا، ٿرڪول جي انتهائي اهم ذريعن وٽان مقرر آفيسرن جي لسٽ وائرل ٿيڻ بعد ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل لسٽ موجب ته پاور پلانٽ تي مقرر آفيسرن مان هڪ به سنڌي آفيسر رکيل ناهي، مليل لسٽ مطابق ته مقرر آفيسرن ۾ ڪامران خان ايڇ آر سي پي تعلق ضلعو مانسهرا، توحيد خان پي آر او ضلعو ديامير، زرياب خان مئنيجمينٽ ٽريني گجرات،علي زيب اليڪٽريڪل ٽرني انجنيئر  لوئر دير، سفيان انصار وڙائچ ايڊمنسٽريٽو ڪمشنر ٽي سي بي ڪمپني ضلعو وهاڙي پنجاب، محمد معز تاجمال اليڪٽريڪل ٽريني انجنيئرضلعو سانگهڙ، اسد خان مڪينيڪل ٽريني انجنيئر مردان،محمد عليم ايڇ آر اسپيشلسٽ مظفر ڳڙھ، ابراهيم شاھ مٽيريل اسپيشلسٽ هري پور، عمران شيخ ڪراچي، راجا ايم يوسف سيال آءِ ٽي اسپيشلسٽ سيوهڻ شريف ڄام شورو، حيدر انجنيئر پنجاب، نبيل احسن ڪراچي، محمد شاڪر چيني ترجمان تعلق پنجاب، محمد عمر فياض پنجاب، محمد فهد فاروق پنجاب، محمد ياسين، ڪيو سي انجنيئر پنجاب، مهتاب قنبر ڪيو سي عمرڪوٽ تعلقن عمرڪوٽ سان ٻُڌايو ٿو وڃي، تازو ٽي انجنيئر پنجاب جا ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ٿرڪول بلاڪ ون تي پنهنجا نواز ۽ ڪميشن عيوض من پسندن کي نوازڻ واري  پاليسي بعد مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري مختلف ٺيڪا ڌارين حوالي ڪيا پيا وڃن، مليل رپورٽن موجب ته ڄاڻايل بلاڪ ون تان اسڪريپ جو سامان ڳري رشوت عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي،بلاڪ ون جي ڪمپني سيپا جي اجازت بنا غيرقانوني اسڪريپ جو ٺيڪو مٺي واسي ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏيو آهي، ٽي سي بي ڪمپني جي عملدارن جي ڪمن ڪارن توڙي ڀرتين ۾ مداخلت جو انڪشاف سامهون آيو آهي، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته بلاڪ ون جي ٽي سي بي ڪمپني ۾ مقرر آفيسر مختلف ڪمن جي ٺيڪن توڙي ڌارين کي ڀرتيون ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مقامي نوجوانن سميت سنڌي نوجوانن جي مقرري مڪمل طور زيرو،بلاڪ اندر ڪٿي به مقامي نوجوان ڪنهن اهم پوسٽ تي مقرر ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.