گورک تي فطري نظارا ڏسي موٽندڙمختيار ڪار لاڙڪاڻي سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 5 زخمي

لاڙڪاڻو/ واهي پانڌي(ڊر+ ن ع آ) فطري حسن جو نظارو ڪرڻ لاءِ گورک ويل لاڙڪاڻي واسي خطرناڪ وادي جي پرخطر رستن تي حادثي جو شڪار ٿي اجل جي راهه تي روانا ٿي ويا. مختيار ڪار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٽي ڄڻا زخمي آهن. گورک هل اسٽيشن تان واپسي تي ويگو گاڏي جي 37 پوائنٽ وٽ بريڪ فيل ٿي وئي نتيجي ۾ گاڏي بلند چوٽي تان هيٺ کاهي ۾ ڪِري پئي. جنهن ۾ مختيارڪار لاڙڪاڻو سليم الله رند، تپيدار اسلم سيال، ڪوٽوار واحد بخش ککراڻي ۽ ڪوٽوار طارق چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ حسين سيال، اڪبر راڄپر ۽ رشيد رانجهاڻي سخت زخمي ٿي پيا. اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ بيٺل ماڻهن توڙي ساڻن گڏ ويل ماجد گوپانگ، گل حسن جوڻيجو دادو انتظاميه سان رابطا ڪري واقعي بابت کين اطلاع ڪيو. جنهن کان پوءِ علائقي جي ماڻهن ۽ انتظاميه پهچي لاش گاڏي مان ڪڍرايا. واقعي واري هنڌ تي ڊپٽي ڪمشنر دادو پڻ پهتو. زخمين کي واهي پانڌي اسپتال ۾ طبي امداد بعد دادو منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوتين جا مڙهه کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه هجڻ ڪري هوٽل جي ڊاٽسن تي واهي پانڌي اسپتال آندا ويا.  ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو واقعي جو اطلاع ملڻ تي لاڙڪاڻي مان ايمبولينس گاڏيون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون. جن جي ذريعي زخمي ۽ لاش دادو اسپتال روانا ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد لاڙڪاڻي نيا ويا. حادثي جو اطلاع ملڻ تي فوتي اسلم جا وارث نديم سيال ۽ ٻيا اسپتال پهتا. فوتي اسلم سيال زميندار نديم سيال ۽ ذوالقرنين سيال جو سئوٽ هو جڏهن ته مختيارڪار لاڙڪاڻو سليم الله رند گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مين رتوديرو جي هيڊ ماستر سيف الله رند ۽ مختيارڪار رتوديرو حميد الله رند جو ننڍو ڀاءُ هو.03

گورک اٿارٽي چيئرمين رفيق جمالي کي ڏک، طارق سيال دادو پهتو

جوهي: گورک هل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي گورک حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آھي ته دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آھي هن جي جهوريندڙ واقعي ته وارثن سان ڏک ۾ شريڪ آھيان . حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت لاءِپ پ اڳواڻ طارق انور سيال دادو سول اسپتال پهچي  ويو. ڊي جي هيلث ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ به نگراني لاءِ دادو پهچي ويو.  03

گورک روڊ  تي سال ۾ 10 حادثا، سجيلا ۽ شرميلا جي گاڏي سان به حادثو ٿي چڪو

 

جوهي:  گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ جي حايت انتهائي خراب ٿي وئي  آهي.  روڊ اندر کڏا کٻا ٿي ويا آهن. سال جي اندر 10 کان وڌيڪ حادثا پيش آيا.  ڪجهھ وقت اڳ گورک جي کاول لڪ وٽ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي گاڏي کي پڻ حادثو پيش آيو هيو جنهن ۾ پ پ پ ليڊيز اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ ٻيون سهيليون سوار هيون جيڪي معجزاڻي  طور  محفوظ رهيون. 03

مختيار ڪار گورک وڃڻ لاءِ راضي نه هو، ٽن ڄڻن ڊالي مان ٽپا ڏئي جان بچائي

جوهي: گورک حادثي ۾ فوت ٿي ويل مختيارڪارسليم الله رند گورک وڃڻ کان اڳ دادو جي ڀٽائي هوٽل تي قيام دوران گورک هل وڃڻ لاءِ  راضي نه هيو.  روينيو کاتي جي ساٿين جي اسرار تي گورک ويو جتان سندس جنازو موٽيو. تپيدار اسلم سيال بدنصيب ويگو گاڏي جي ڊرائيونگ ڪري رهيو هو، گاڏي ۾ 9 ڄڻا سوار هئا جن ۾ اسلم سيال، سليم الله سيال، طارق چانڊيو، واحد بخش ککراڻي ۽ گل حسن جوڻيجو گاڏي جي اندر سوار هئا جڏھن ته جوهي واسي ڪوٽار رشيد رانجهاڻي، بورچي ماجد گوپانگ، روشن سيال پويان ڊالي ۾ ويٺل هئا جن گاڏي کاهي ۾ ڪرڻ وقت ڊالي کان ٽپا ڏيئي زندگي بچائي ورتي ۽ زخمي ٿي پيا . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.