وفاقي سرڪار خلاف پ پ سنڌ جي تحريڪ شروع، ڪشمور ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ( ڊر) سنڌ سان زيادتين، بجلي گئس بحران، پاڻي کوٽ، سنڌي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ مان حصي جي رقم نه ڏيڻ خلاف پيپلزپارٽي  سنڌ جي احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي. ھزارين ڪارڪن سنڌ پنجاب سرحد تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا . انڊس ھاءِ وي ڪشمور روڊ تي شاميانو  لڳائي ڪارڪن ضلعي جنرل سيڪريٽري الطاف کوسو، ضلع انفارميشن سيڪريٽري صادق حسين گولاٽو، ضلعي ڊپٽي جنرل  سيڪريٽري قربان علي بنگوار، ليڊيز ونگ جي شبانہ ملڪ، يوٿ ونگ جي آفتاب ڍال جکراڻي، عبدالرؤف بھلڪاڻي، سپاف جي رضا مراد چاچڙ، دلاور سومرو، منارٽي ونگ جي ڊاڪٽر ميھر چند، جئرام سچديو ، ليبر بيورو جي خادم حسين محمداڻي، غلام رسول ميراڻي، پيپلز ھاري ڪميٽي جي زاھد حسين ميراڻي، پيپلزپارٽي ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ، تنگواڻي جي اڳواڻن مير اعجاز سولنگي، مير اسد اللّٰه کوسو، ڏاڏو جکراڻي، شھزادو خان کوسو، غفران علي ملڪ، قاسم دستي،  عالمگير ڪوش، علي محمد چاچڙ، عبدارزاق مزاري، شمن باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. جنهن سبب سنڌ کان پنجاب ۽ ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽرڪن، ٽرالين، مسافر ڪوچن سميت گاڏين جون قطارون لڳي ويون. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائیندي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار آمراڻا فيصلو ڪري سنڌ سان ناانصافيون ڪري رھي آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ پورو حصو نه پيو ملي وفاقي کاتن ۾ 16 ھزار ملازمن کي برطرف ڪري بيروزگار ڪيو پيو وڃي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباھہ ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آهي. بجلي،  گيس جو ھٿرادو بحران سنڌ ۾ پيدا ڪيو ويو آهي ڪنڌڪوٽ مان گئس نڪري ٿي پر ھتان جي عوام کي گئس کان محروم رکيو پيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.