افغانستان ۾ 40 سالن بعد امن جو موقعو، دنيا معاشي مدد ڪري: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سعودي  ولي عهد، قطر جي امير ۽ عرب امارتن جي ذميوارن سان رابطا ڪيا آهن. وزيراعظم ۽  سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. جنهن ۾ افغان صورتحال تي غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن افغان مسئلي جو سياسي ۽ جامع حل ڪڍڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري تي افغانستان جي مدد جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن کان پوءِ افغانستان ۾ پائدار امن جو موقعو مليو آهي. عمران خان چيو آهي ته دنيا افغانستان جي عوام جو ساٿ ڏئي معاشي مدد به ڪرڻ گهرجي. عالمي برادري افغان عوام جي معاشي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ثاني سان به رابطو ڪيو، جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.