سنڌ جي اسڪولن ۾ اڄ کان ڪورونا ويڪسينيشن، بئنڪ خدمتن لاءِ سرٽيفڪيٽ لازمي جي تجويز

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ ڪسٽمرن کي بينڪون سروس معطل ڪن، سنڌ حڪومت جي صحت کاتي پاران نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي بينڪ ۽ پوسٽ آفيسن جي ڪسٽمرن کي ڪورونا وئڪسين لازمي ڪرائڻ جي حوالي سان هڪ خط موڪليو آهي، سنڌ جي صحت کاتي موجب اين سي او سي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته بينڪن ۽ پوسٽ آفيسن جي آفيسرن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي کاتيدارن کي هدايت ڪن ته ڪورونا وئڪسين لازمي ڪرائين، ڪورونا وئڪسين نه ڪرائنيدڙ ۽ وئڪسين جو سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪندڙ کاتيدارن کي خدمتون فراهم ڪرڻ کا معزرت ڪن، ٻئي پاسي صحت کاتي پاران  سنڌ جي گهرو کاتي کي اين کي خط لکيو ويو آهي ته هاڻي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس کي ايس او پيز ۾ وئڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو وڃي، وئڪسين سرٽيفڪيٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي هوٽلن ۾ ماني کائڻ ۽ رهائش نه ڏني وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.