افغانين جي آمد، سنڌي ملازمن جي برطرفين خلاف سنڌ ۾ هلچل

ڪراچي(نمائندا)  افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي کاتن جي نوڪرين مان 16000ھزار سنڌي ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالھ پنجين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي ڪورنگي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ منور برھماڻي، حسين سنڌي ،لاڙڪاڻي ۾ وڪيل غلام شبير جتوئي، رضا بلو، وڪيل جميل ميمڻ، اسلم سومرو،تنگواڻي ۾ سچل ملڪ، سرمد جاگيراڻي،شڪارپور ۾ ظفر چنا، آغا فھد پٺاڻ، جنگشاهي ۾ منور ڀٽو، سنڌي ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، ممتاز شيخ، شفيع محمد پليجو، ھمير مل، لطيف پليجو، ڪوٽڙي ۾ عبدالستار لُھر مقصود جھتيال، غلام علي چانڊيو  ٻيراڻي ۾ ڪامريڊ علي مردان کوسو، حضور بخش ڏاهري، عاشق ڪٽوهڙ ۽ حسن کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لکين غير قانوني طور رهيل پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ته ٻي طرف افغانستان جو حالتون خراب ٿيندي ئي هزارين افغانين کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومتون سرگرم آهن، جيڪي سازشون سنڌ  ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هتي هڪڙو نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جون آهن، انڪري سنڌ ۾ پناهگيرن جي آمد تي بندش لڳائي وڃي،هنن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي 16000 ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، دراصل سورنهن هزار خاندانن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي.

 

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي راڄڌاني شھر ڪراچي۾ افغاني پناهگيرن ۽ ٻين ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، افغاني پناهگيرن ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي، مظاھري کي جيئي سنڌ محاذ سينئر اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري سنڌ کي فلسطين بڻائڻ جي رٿابندي آهي سنڌ جي اندر ڌارين کي آباد ڪري نئون اسرائيل قائم ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته افغاني پناهگيرن جي آبادڪاري، بحرياٽائون، ڪمانڊر سٽي، ڊي ايڇ اي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رھائشي اسڪيمون جاري آھن سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري امداد چاچڙ خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ جڏهن روسي فوجون داخل ٿيون ته افغاني سنڌ۾ آيا جن اسان کي ھيروئن ۽ ڪلاشنڪوف جو تحفو ڏنو ھاڻي وري طالبان ٻيھر اقتدار سنڀاليو آهي ته به افغاني پناهگير سنڌ۾ اچي رهيا آهن سنڌ ۾ اڳ ئي 40 لک افغاني رھائش پذير آھن مظاھري کي سنڌ دوست شخصيت حافظ صديق ميمڻ، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو، انڊيجيئنس رائيٽس الائينس جي جانب خاصخيلي خطاب ڪيو،حيدرآباد ۾ جسم جي قائم مقام چئيرمين هاشم کوسو، خالد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌاري آبادڪاري جو بوجهه برداشت ڪري رهيو آهي،ميرپورخاص  ۾ظھور لغاري، تاج بلوچ، ڊاڪٽر صديق مري، ديوراج ڪولھي چيو ته سنڌ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال دوران هزارن جي تعداد ۾ افغاني پناهگير پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سميت ٻين سازشن خلاف سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي،ميهڙ ۾  ممتاز لاکير ،محمد اسماعيل جانوري ،ظھور کوکر اڪبر جھتيال ، محسن سيال ، امين ڪلھوڙو سارنگ پيرزادو محسن لاکير ، سجاد لاکير جي اڳواڻي ۾ ٻيٽو چوڪ کان پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ھڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ، اوٻاوڙو ۾ مجيد جوڻو،وحيد اوڳاھي، عباس علي ،جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙو ڪمال مھر انڊ س ڪانگريس جي بھادر لولائي ممتاز فاروقي علي دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپور ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران  مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهري جي اڳواڻي جسقم آرگنائيزر علي نواز شر ، ياسين سنڌي ، پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو ، الله وڌايو سوهو ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف سنڌ جو عوام هڪ ٿئي ڌارين جي آبادڪاري خلاف آواز اٿاري،هنن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڌارين کي پنهنجي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏينداسين ،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.