آءِ ايس آءِ چيف جي حڪمت يار۽ ٻين سان ملاقات، افغان حڪومت سازي تي ڳالهيون

ڪابل (م ڊ) ڪابل جي دروي تي پهتل ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي طالبان قيادت سوڌو گلبدين حڪمت يار سان ملاقات ڪئي. افغان ميڊيا موجب ملاقات دوران افغانستان ۾ طالبان جي نئين حڪومت جي قيام ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪابل پهچڻ تي صحافي ڊي جي آءِ ايس آءِ کان سوال ڪيو ته توهان کي ڇا ٿو لڳي، افغانستان ۾ هاڻي ڇا ٿيندو،؟ هن تي جواب ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته فڪر نه ڪيو، سڀ بهتر ٿيندو، جڏهن ته ڪابل ۾ مقرر پاڪستاني سفير چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ڪوئيٽا جي صحافي ڊائري ۾ لکيو آهي آءِ ايس آءِ چيف جي آمد جو ٻڌي صحافي گڏ ٿي ويا، هوٽل ۾ جنرل فيض صحافين کي ڏسي چيو ته هي ڇا آهي؟ جنهن تي کيس چيو ويو ته صحافين کي ته نه ٿا روڪي سگهون. جڏهن ته صحافين کي چيو ويو ته اوهان خبر هلايو پر تصوير نه هلايو، ان تي صحافين چيو ته هو گورن کي نه ٿا روڪي اگهن ان دوران گوري صحافڻ لنڊسي هلسن ٽوئيٽ ڪري ڇڏي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.