سوئي گئس ۽ ٻين کاتن مان برطرفين خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو

ڪراچي(نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن ڪالهه ڇهين ڏينهن به ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ناانصافي خلاف ڌڻي در دانهن ڏني. ان موقعي تي برطرف ملازمن عبداللطيف سانگي، الطاف سرهيو، ارشد ڀٽو، منور علي کوکر، رياض جمالي، شاهد ڇڄڙو، غلام محمد، شير محمد ابڙو، رفيق احمد شيخ، غضنفر لاهوري، غلام عباس بلوچ، غلام حيدر سولنگي، اطهر گوپانگ، ممتاز ڀٽو، طالب حسين بگٽي ۽ ٻين چيو ته 1996ع ۾ اسان کي ميرٽ جي بنياد تي آئيني طريقي سان هڪ ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي ذريعي نوڪري ڏني وئي پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميه 16 هزار ملازمن جو معاشي قتل عام ڪيو آهي،خيرپور ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپئن پاران وفاقي ادارن جي 16000 هزار ملازمن جي برطرفي خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي اعجاز احمد عباسي، محمد صالح چانڊيو،فياض حسين عباسي، تراب علي رند، امجد لاشاري شھباز ڦلپوٽو،منير احمد چانڊيو، هدايت علي شر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين  سپريم ڪورٽ پاران ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته آءِ بي اي، اسٽيٽ لائيف انشورنس ،سوئي سدرن گئس ۽ يوٽليٽي ڪارپوريشن جي برطرف ڪيو ويو آهي،جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، نوابشاهه ۾ غني رند، احمد علي بروھي، راشد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.