طالبان جو قبضو، اقليتن لاءِ خطرو، شيعن کي نسل ڪشي جو خوف

ڪابل (م ڊ) طالبان جي قبضي اقليتن لاءِ خطرو، شيعن کي نسل ڪشي جو خوف، ڊي ڊبليو جي هڪ تجزياتي رپورٽ موجب ڪابل تي قبضي بعد عارضي طوراقلتيون محفوظ، مستقبل لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته اهڙي خطري کي نظر ۾ رکندي اقليت هٿياربند جٿا جوڙي برادري جي تحفظ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته شاگردن طبقي  ۾ خوف پڻ آهي. نياڻي جي تعليم تي پابندين سبب شاگردياڻين سميت عورتون ۽ ناريون گهرن ۾ لڪيل آهن، هڪ شاگردياڻي موجب ته موجوده ڪيفيت بيان ڪرڻ جهڙي ناهي، هزاره برداري کي طالبان اسلامڪ اسٽيٽ ڪافر قرار ڏيندي رهي آهي، هزاره برادري جو خيال آهي ته عالمي برادري کي خوش ڪرڻ لاءِ طالبان اعتدال پسنداڻو رويو جاري رکيو آهي، ي ڊبليو سان ڳالهائندي هزارا برادري جي اڳوڻي پارلياماني اڳواڻ مهدي راسخ چيو ته برادري کي ابدي خطرو آهي، جڏهن ته ذوالفقار اميد پارليامني ليڊر هو جيڪو هاڻ مزاحمتي ليڊر جي روپ وٺي چڪو آهي، جنهن برادري جي حفاظت لاءِ هٿيار بندن جٿو ٺاهي هزاره مزاحمتي گروپ ٺاهي ورتو آهي. گروپ ۾ 8 سئو جنگجو ۽ 5 هزار رضاڪار شامل آهن. سندس چوڻ هو ته طالبان جو هڪ دهشتگرد نيٽ ورڪ جڙي رهيو آهي. هزاره مزاحمتي ليڊر جي پنجشير جي مزاحمتي اڳواڻ احمد مسعود سان ملاقات پڻ ڪئي آهي، آسٽريليا جي لا يونيورستي سان لاڳاپيل نعمت الله ابراهيمي جو چوڻ آهي ته هٿيار بندن جٿا جوڙڻ تباهي جو رستو آهي. جنهن سبب هزارو برادري جو قتل عام ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته تعليم يافته هزاره برادري پاڻ کي پرامن رکڻ ۾ ئي ڀلو سمجهي ٿي ڪيترن ئي ماڻهن پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.