شادي پلي ۾ روپلو ڪولهي جي 162هين ورسي، ڀيٽا پيش

شادي پلي(رپورٽ: علي نواز هنڱورو) شادي پلي جي ڳوٺ ويهو مل ڪولهي ۾ آل پاڪستان ڪولهي ايسوسي ائشن طرفان امر روپلو ڪولهي جي 162 هين ورسي انتهائي شاندار نموني سان ملهائي وئي ۽ امر روپلو ڪولهي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، ورسي تقريب ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ، وزيراعليٰ  سنڌ جي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي سميت هزارين ماڻهن ڀرپورنموني شرڪت ڪئي ، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ويرجي ڪولهي چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو ، امر روپلو ڪولهي ، هوشو شيدي پنهنجي ننگن  ، دنگن ، عوام ۽ پنهنجي وطن خاطر جابرن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي شهيد ٿي ويا پر جابرن آڏو آڻ جي مڃي ۽ تاريخ جو اڻ مٽ ڪردار بڻجي ويا جيڪا اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالھ آهي ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت امر روپلو ڪولهي جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائڻ پئي چاهيو پر ڪرونا وبا جي ڪري سطح تي ورسي پروگرام ٿي نه سگهيو ، هن چيو ته سنڌ حڪومت ننگرپارڪر ۾ روپلو ڪولهي جي شهادت واري هنڌ 2 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان روپلو ڪولهي يادگار تعمير ڪرائيندي ، هن چيو ته منهنجي ڪوشش ھوندي ته هر سال امر روپلو ڪولهي جي سرڪاري سطح تي ورسي ملهائڻ جي تاريخ طئي ڪئي وڃي ته جيئن اسان امر روپلو ڪولهي جي ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪري سگهون ، ورسي تقريب کي سينيٽر ڪرشنا ڪماري ، پ پ تعلقا ڪوٽ غلام محمد جي صدر حاجي رفيق ڀرڳڙي ، آل پاڪستان ڪولهي ايسوسي ائشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر ڌيرو مل ڪولهي ، کيپال داس ڪولهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، جڏهن ته ورسي تقريب ۾  شرڪت ڪندڙ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.