گهگهر ۾ جهيڙي جو زخمي فوت، لاش رکي ڌرڻو

ملير (ڊ ر) گهگهر ويجهو ڳوٺ آچار سالار ۾ ٻه ڏينهن جوکيا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي سبب زخمي ٿيل حاجي غلام قادر جوکيو زخمن جا سُور نه سهندي فوت ٿي ويو، وارثن پاران لاش ملير پريس ڪلب آڏو رکي قاتلنجي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فوتي جي پئ حاجي داد محمد جوکيو، اڳوڻي ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر افضل جوکيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڪامريڊ حفيظ جوکيو ۽ سندس ڀائيٽين حاجي غلام قادر جوکيو تي ڏنڊن ۽ لٺين سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ غلام قادر جوکيو زخمي ٿي پيو جيڪو ٻه ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ بعد فوت ٿي ويو آهي، هنن چيو ته ڪامريڊ حفيظ ٻيهر ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته آئون حاجي قادر جوکيو جي سڄي خاندان کي ماريندس، قاتل خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي اسان ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي پر اسٽيل ٽائون پوليس قاتل ۽ سندس ساٿين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، اسان گهر ٿا ڪريون ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.