ڪراچي ۾ پيرڳوٺ واسين جو صديق آريجو جي قتل خلاف احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) آريجا برادري ڪراچي پاران  پيرجوڳوٺ ۾ 9 ڪلاس جي شاگرد صديق آريجو جي قتل گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، آريجا برادي جي اڳواڻ  ڄام سعيد، سرفراز،شعيب،عبدالرشيد،راجا ۽ ٻين چيو ته چار ڏينهن اڳ  پيرجوڳوٺ ڀرسان  ڳوٺ نور محمد آريجو رھواسي نائين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق پٽ انعام علي آريجي کي سندس دوست سنڌو درياهه گهمائڻ بھاني اجتماعي زيادتي ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڪيلي جي باغ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا،هنن چيو ته هي ظلم ڪنهن فلسطين يا ڪشمير جي علائقي ۾ ناهي بلڪه هي روزي ڌڻي رحه جي نگري پيرجوڳوٺ جي شهر جو آهي،هنن چيو ته پوليس قاتلن کي بچائڻ چاهي ٿي پوليس جوابدارن کي هڪ ڏينهن اندر جيل موڪلي ڇڏيو جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پيرجوڳوٺ پوليس قاتلن جي ساٿاري آهي ۽ بااثرن جي ونگاري آهي،هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو ڏاڍ ، ظلم ۽ جبر ڪري جنهن جا ٻچا بيگناهه ماريا وڃن يا ساڙيا وڃن ۽ انهن جا وارث انصاف لاءِ دانهون ڪن ۽ دربدر ٿين ان جي باوجود به ڪو ماڻھو انهن وٽ لڙي نٿو وڃي،جيڪڏهن ظلم خلاف آواز اٿاريو وڃي ٿو ته وارثن کي مارڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن،هنن هنن چيف جسٽس کي اپيل ڪئي سو موٽيو نوٽيس وٺي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.