افغانستان ۾ دهشت باوجود شاگردياڻيون دليري جو مثال، احتجاج، طالبان جو تشدد

ڪابل( م ڊ) افغانستان ۾ خوف ۽ دهشت جي راڄ باوجود عورتون دليري جو مثال بڻيل آهن جن پنهنجي حقن لاءِ نڪري سڀنين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪابل جي رستن تي جڏهن راڪاس گهميل آهي اتي عورتن جي منظم احتجاج سپر طاقت کي شڪست جي دعويٰ ڪندڙ طاقتورمذهبي حڪمرانن جون به وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن جن نازڪ صنف عورتن تي تشدد ڪيو ۽ گئس جو استعمال به ڪيو.  افغانستان جي روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اهي عورتون قانون جي شاگردياڻي رخسار حميدي ۽ سندس ساٿياڻيون آهن. رخسار حميدي جو چوڻ آهي ته طالبان جي قبضي سان ئي محسوس ڪيو ته اسان جا حق دٻايا پيا وڃن. رخسار حميدي وڌيڪ چيو ته هو رستا روڪ باوجود مارچ ڪري اڳتي نڪتيون. هو جڏهن وزيراعظم هائوس وٽ پهتيون ته طالبان هٿيارن سان حملو ڪيو، 5 عورتون زخمي آهن. هن چيو ته بلڊ پريشر گهٽجڻ سبب هو به ڪري پئي. هڪ شاگردياڻي سميرا به چيو ته طالبان تشدد تي لهي آيا آهن، افغانستان وطن آهي، آمريڪا وڃڻ جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي. شاگردياڻين چيو ته هو والدين ۽ عزيزن کي ٻڌائڻ بنا نڪري احتجاج ڪري رهيون آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.