سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 5 مريض فوت، 1016 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1016 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 1000 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي، هن چيو ته گذريل ڏينهن  24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 1000 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 382648 مريض صحتياب ٿيا آھن ھن وڌيڪ چيو تھ 739 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 66 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي.

اڄ  يوم دفاع پاڪستان ملي جوش جذبي سان ملهايو ويندو

اسلام آباد (اي پي پي) ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان  ۾ (اڄ) سومر 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع پاڪستان ملي جوش جذبي ۽ وطن خاطر شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙن جي ياد ۾ ملهايو ويندو،يوم دفاع هر سال 6 سيپٽمبر 1965 ۾ ڀارت جي جارحيت خلاف ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جي بهادر سپوتن جي ڪارڪردگي ۽ قربانين جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي،اسلام آباد  ۾ ڏينهن جي شروعات  31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿيندي،فجر جي نماز کانپوءِ مسجدن ۾ شهيدن لاءِ قرآن خواني ڪئي ويندي جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع پاڪستان جي خاص تقريب منعقد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.