ايندڙ چونڊن ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي، عمران خان کي معاف نه ڪنداسين: بلاول

ڊيراغازي/ملتان(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ حڪومت ٺاهيندي، ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو،پنجاب ۾ به جيالو وڏو وزير ايندو، ڊيراغازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمرن جو مقابلو ڪندڙ هن حڪومت کي ڀڄائيندا،ڪارڪن تياري ڪن، ايندڙ وقت پ پ جو آهي،اسان عمران خان کي معاف نه ڪنداسين، پ پ دور ۾ هر ماڻهو کي فائدو پهچندو هو، هن وقت ملڪ جو هر شهري پريشان آهي، پ پ دور ۾ مزدور کي محنت جو صلو ملندو هو، حڪومت غريبن جا حق سلب ڪري رهي اهي، هي ڪهڙو نئون پاڪستان اسان تي مڙهيو ويو آهي، اسان انقلابي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، اسان جي دور ۾ هاري خوشحال هو، ملڪ ۾ تاريخي سطح تي مهانگائي آهي، هن چيو ته 50 لک گهرن جا اعلان ڪري ڪيترا گهر ٺاهيا ويا،هي ڪهڙي قسم جي تبديلي اهي، خان صاحب! اٽو، لٽو، اجهو کسيو، مهانگائي ۽ غربت تاريخي سطح تي آهي، اسان کين معاف نه ڪنداسين، حساب وٺنداسين، آصف زرداري جي دور ۾ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ ٿيندي هئي، اسان پنهنجي دور ۾ پگهارن ۾ 120 سيڪڙو واڌ ڪئي، هن حڪومت تازو 20 هزار ملازم برطرف ڪيا آهن  ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جيڪڏهن دوکو نه ٿئي ها حڪومت کي بي اعتمادي سان ڪيرائي ڇڏيون ها ۽ نيون چونڊون ٿين ها، اسان جي تجويز نه مڃي وئي ته اسان پاڻ ميدان ۾ اچي وياسين،ملتان ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوسف رضا گيلاني کي ڪامياب ڪرائي ثابت ڪيوسين ته اسان جي پاليسي ٺيڪ هئي، اڳ ۾ پنجاب ۽ پوءِ وفاقي حڪومت ڪيرائي پئي سگهياسين، اسان جي تجويز نه مڃي وئي ته پاڻ ميدان ۾ آيا آهيون، پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پارٽي کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون،سندس موجب پهرئين ڏينهن ئي چيو هو ته عمران خان سليڪٽڊ ۽ نااهل آهي، حڪومت عوام سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، حڪومت زبردستي ووٽنگ مشين ۽ پنهنجي ايجنڊا اسان تي مڙهڻ چاهي ٿي، جيڪا منظور ناهي، شهباز شريف سان اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شهباز شريف جو هڪ ڏينهن سٺو بيان اچي ويندو آهي، پوءِ وري چيو ويندو آهي ته اهو ذاتي بيان هو،هن چيو ته اسان انقلابي پاليسين اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، اسان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وارا نه ڪري سگهيا، پ پ سان سدائين زيادتي ٿي آهي، هڪ سازش تحت ڏکڻ پنجاب ۽ پاڪستان ۾ اسان جي جماعت کي نقصان پهچايو ويو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جا نتيجا بهتر هوندا، هن چيو ته حڪومت نيب ۽ ايف بي آر جي ڏنڊي سان ٽيڪس ۽ روينيو ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي، هر ڪنهن کي چور ۽ ڦورو سمجهيو ته پاڪستان جي معيشت ڪير هلائيندو، ملتان ۾ دانشورن ۽ پارٽي عهديدارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاروباري برادري کي دشمن نه ساٿي سمجهيو، بزنس ڪميونٽي کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، جڏهن سڀني کي حڪومت کان ڊپ آهي ته ٽيڪس روينيو گهٽ ٿيندو، هن چيو ته ملڪ جي پورهيتن کي حق ڏيو، پورهيت اسان جو اثاثو آهن، هن چيو ته عوام کان هميشه حق حڪمراني کسيو ويو، سڀني ميان نوازشريف جي حڪومت ڏٺي، عمران خان جي حڪومت ڀوڳي، هاڻي پ پ جي نوجوان قيادت کي موقعو ڏيو، جيڪڏهن صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿي ته پ پ جي حڪومت هوندي، هوڏانهن بلاول ڀٽو ن ليگ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سابق گورنر پنجاب سردار ذوالفقار کوسي وٽ پهتو، جنهن سندس آجيان ڪئي ۽ تلوار جي سوکڙي پيش ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.