سودو ڪري اقتدار جو ٽڪڙو وٺڻ اسان جي سياست ناهي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پ پ لاءِ دروازا بند ناهن ڪيا، اسان چاهيون ٿا ته اعتماد بحال ڪري، مسلم ليگ ن واحد پارٽي  آهي جيڪا آئين جي ڳالهه ڪري ٿي، پ پ آئين جي ڳالهه ڇو نٿي ڪري، ووٽ کي عزت جي ڳالهه ڇو نٿي ڪري، هن چيو ته اسان نيڪ نيتي سان سمورين پارٽين کي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو، جڏهن لانگ مارچ جو وقت آيو ته پ پ بهانو بڻايو، پ پ کي استعيفيٰ نه ڏيڻي هئي ته اچي ٻڌائي ها، ان اسان جو اعتماد ٽوڙيو آهي، هن چيو ته باقي پارٽيون پراڻيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن ته ڊيل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سينيٽر مشاهدالله خان جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سودو ڪري اقتدار جو ٽڪر وٺڻ اسان جو اصول ناهي، ملڪ جو نظام آئين تي نه هلندو ته ملڪ ترقي نه ڪندو، مشاهدالله خان ملڪي سياست ۾ نالو ڪمايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.