ڪوئيٽا ۾ ايف سي چوڪي تي آپگهاتي حملو،4 اهلڪار شهيد،20 زخمي

ڪوئيٽا/حب(م ڊ+ن ع آ) ڪوئيٽا ۾ مستونگ روڊ تي آپگهاتي حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ،20 زخمي ٿي پيا،زخمين کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ ۽ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جو ٽارگيٽ سيڪيورٽي اهلڪار ئي هئا.هوڏانهن سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته آپگهاتي حملو مستونگ روڊ تي سوهنا خان ايف سي چيڪ پوسٽ تي ٿيو، جنهن ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي، سندس چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي،ٻئي پاسي ڪوئيٽا جي ڊپٽي آءِ جي اظهر اڪرم رائٽرز کي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي سوار هڪ خودڪش بمبار 6 ڪلو ڌماڪي ڌار مواد سان ايف سي جي قافلي سان وڃي ٽڪرايو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا، جن ۾ 18 اهلڪار ۽ 2 واٽهڙو شامل آهن،حملي ۾ هاءِ انٽينسٽي جو ڌماڪا خيز مواد استعمال ڪيو ويو،  ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان محمد خراساني هڪ بيان جاري ڪندي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، پوليس عملدار ظهور احمد چيو ته خودڪش حملي آور هزاره برادري سان تعلق رکندڙ ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ چاهي پيو، پوليس اختيارين ٻڌايو ته خودڪش حملو هزاره برادري جي ماڻهن جي سيڪيورٽي تي مقرر ايف سي اهلڪارن جي قافلي تي ڪيو يو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي، هن چيو ته غيرملڪي حمايت يافته دهشتگردن جي منصوبن کي ناڪام بڻائي اسان کي محفوظ رکڻ لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ انهن جي قربانين کي سلام آهي، هوڏانهن حملي کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن بلوچستان شيعا ڪانفرنس جي صدر جواد رفيعي خودڪش حملي کي هڪ بزدلاڻو فعل قرار ڏيندي شيعا هزاره برادري جي ماڻهن جي ماڻهن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت هڪ منظم سازش تحت هتي ٻيهر فرقيواريت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هتي شدت پسندي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، داعش جا حملا وڌيا ويا آهن، ٻئي پاسي دفاعي تجزئي نگار ميجر(ر) عمرفاروق چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد داعش خراسان پاڪستان ۾ ٻيهر قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انتهاپسندي ۾ ملوث گروپن کي ٻيهر ملڪ دشمنن پاران فعال بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته داعش ۽ فرقيوار دهشتگردي ۾ ملوث ٻين شدت پسند تنظيمن خلاف ٺوس بنيادن تي ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.