ڪراچي ۾ کنڀيلن جي آزادي لاءِ ريلي، جبري گمشدگيون انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھن: قوم پرست وارث

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) ڪراچي جي يوسف ڳوٺ مليرواري علائقي  مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن سعيد گاڏھيءَ سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن، قوم پرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي  جي اڳواڻن زينب مارڪيٽ کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ريلي جي اڳواڻي کنڀي گم ڪيل ساگر سعيد گاڏھي جي ڀيڻ مريم گاڏھي، کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زھراڻي جي پُٽ عرفان زھراڻي،  جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين خالق جوڻيجو، سنڌ سجاڳي فورم جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويو، جسم اڳواڻ امداد چاچڙ، جسم رياض اڳواڻ شوڪت سومرو، ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي شامل وارثن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھا ۽ اھي کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪري رھيا ھُئا. ميڊيا سان ڳالهائندي اڳواڻن چيو ته جبري گمشدگيون انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھن، ھي رياست ۽ ان جا ادارا ايڏا طاقتور ٿي ويا آھن، جو سپريم ڪورٽ، ھاءِ ڪورٽ ۽ عالمي ادارن جي طئه ڪيل قانون جي لتاڙ ڪندي ماڻھو کنڀي گم ڪن ٿا. اسان مطالبو ٿا ڪيون عالمي ضمير کان، يو اين او کان ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان ته ساگر سعيد گاڏھي، پٺاڻ خان زھراڻي، ذاڪر سھتي، شڀير بليدي، باسط گبول، سجاد مڱڻيجي، انصاف دايي، ايوب ڪانڌڙي، مرتضيٰ جوڻيجي، ڪاشف ٽڳڙ، ظفر چانڊيي، سرويچ نوحاڻي، محمد خان وگھيي نسيم بلوچ، راشد بلوچ ۽ ٻين کنڀي گم ڪيلن کي آزاد ڪرائي سندن وارثن مان بيچيني کي ختم ڪن. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ سجاڳي فورم، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن، جسم رياض چانڊيي ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.