ڪورنگي ۾ ايس يو پي جو پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) مزدورن جي حقن لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪورنگي پاران بلال چورنگي کان ويٽا چورنگي تائين ڪراچي ڊويزن نائب صدر منير مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾  وڏي انگ ڪارڪنن ۽ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪندي منير مگسي، عابد ڀيو، منصور عباسي، ساگر کروڙ، سهيل ڀٽي، سيف الله مگسي، طارق جتوئي، ذوالفقار ڀٽو ۽ ٻين چيو ته ڪورنگي مل ايريا ۾ پي پي پي حڪومت ۽ ڪورنگي ڪاٽي جي نا اهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري مزدورن جا بنيادي حق کاڌا پيا وڃن. هنن چيو ته مزدورن جي نام نهاد يونين ختم ڪري مزدورن جي حقيقي يونين بحال ڪئي وڃي مهراڻ ٽائون ۽ بلديه واقعي جي ذميدارن کي ڪيفرڪردار پهچايو وڃي. هنن چيو ته مزدورن جي پگهار 25000 ڪئي وڃي، ٺڪيداري نظام ختم ڪري ڪمپني نظام لاڳو ڪيو وڃي مزدورن جي ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ تعليم صحت ۽ EOBI ڪارڊ ڏنو وڃي، گريجوئٽي بونس انسيٽو سروس الائونس ڏنا وڃن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.