جاگيرداري، جهالت سبب عورت سان غلامن جهڙو سلوڪ آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته جاگيرداري، وڏيراشاھي ۽ جھالت جي ڪري عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي، ڪاروڪاري ۽ ٻين ڪوڙن الزامن ذريعي معصوم نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، اياز لطيف پليجي چيو ته سمورن مسئلن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، پوءِ اھو مسئلو غربت جو ھجي، مھانگائي جو ھجي، ڪرپشن، بيروزگاري، تعليم جي تباھي، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند يا اڻ برابري ۽ جھالت جو ھجي، عورت انھي صورتحال ۾ سڀ کان وڌڪ ڀوڳي ٿي، اياز لطيف پليجي چيو ته تعليم مسئلن جو حل آھي، سڌريل سماج تعليم رستي اڳتي وڌيا آھن، حڪومت نياڻين جي تعليم لاءِ ڪجھ ناھي ڪيو، سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود سرڪٽ ھائوسز ۽ ٻين ھنڌن تي وزير ۽ ٻيا حڪومتي ماڻھو جرڳا ڪري نياڻين کي سڱ چٽين ۾ ڏين ٿا، ڪارنھن ۾ قتل ٿيل نياڻين جا خون لوڙھي ڇڏين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.