ٽنڊي آدم ۾ منشيات فروشي خلاف شهري، ساڃاهه وند ۽ شاگرد روڊن تي نڪري آيا

ٽنڊو آدم(ن ع آ)  ٽنڊو آدم ۾ منشيات فروشي ۽ سماجي برائيون نه گهٽجيون، شهري، ساڃاهه وند ۽ اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون روڊن تي نڪري سراپا احتجاج بڻجي ويا، منشيات، جسم فروشي، شراب، جوا آڪڙاپرڇي ۽ ٻين ڪڌن ڪمن خلاف ريلي ڪڍي ڊي ايس پي ٽنڊو آدم، سٽي پوليس اسٽيشن ۽ محمدي چوڪ تي ڌرڻو، پوليس ۽ منشيات فروشن خلاف سخت نعريبازي، ايس ايس پي سانگهڙ سميت ٻين ڪرپٽ پوليس آفيسرن کي هٽائڻ جو مطالبو. رپورٽ موجب ٽنڊي آدم ۾ سماجي براين خلاف، منشيات فروشي، جوا آڪڙا پرچي، چرس، آفيم، شراب، پوليس گردي خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ پاران ننڍڙن ٻارڙن جي سوين اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ شاهجهان جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو الهيار روڊ کان ايم اي جناح روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ون فائيو آفيس، ڊي ايس پي ٽنڊو آدم آفيس، ايس ايڇ او سٽي پوليس اسٽيشن تي ڌرڻو پڻ ڏنو، ريلي ۾ منشيات فروشي ۽ سماجي براين خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون ڪيو. ان موقعي تي سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻن شاهجهان جوڻيجو، عبدالغفور ڪيريو، سرور ابڙو، نادر ڏيرو، عبدالله بهڻ، انور چاڪراڻي، عبدالسلام ڪوري ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته هن سماج ۾ منشيات فروشي جو ڪڌو ڪاروبار ۽ سماجي برايون وڌي ويون آهن اسان جو نوجوان نسل تباهه ٿي چڪو آهي  ايس ايس پي سانگهڙ سميت ٽنڊي آدم جي سمورن ٿاڻن جي ڪرپٽ پوليس آفيسرن کي برطرف ڪيو وڃي، شهر اندر ڪڌو ڪاروبار ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جو معاشرو منشيات ۽ ٻين سماجي براين کان پاڪ ڪري ڏنو وڃي نه ته اسان جي احتجاج جو سلسلو ڏينهن و ڏينهن وڌندو رهندو. سنڌ پاڪ تحريڪ پاران نڪتل سوين شاگردن نٽهڻ اُس ۾ بيهي سماجي براين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.