احمد مسعود جنگ روڪڻ جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي

 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي پنجشير ۾ طالبان مخالف قومي مزاحمتي فورس جي سربراهه احمد مسعود جنگ روڪڻ جي مشروط پيشڪش ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي جهادي ڪمانڊر جي پُٽ احمد شاهه مسعود جي پُٽ احمد مسعود پنجشير وادي ۾ مزاحمتي فورس جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنجشير ۾ طالبان ۽ مزاحمتي فورس وچ ۾ جنگ هلندڙ آهي جڏهن ته طالبان طرفان اڄ صوبي جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هاڻي اهڙي صورتحال ۾ احمد مسعود به طالبان سان ڳالهين جو اشارو ڏنو آهي، پنهنجي آفيشل فيس بوڪ اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ احمد مسعود چيو آهي ته مزاحمتي فورس افغان علما جي بيان کي ڀليڪار ڪري ٿي.

هن چيو ته پنجشير ۾ ويڙهه ختم ڪري ڳالهيون جاري ڪجن، امن جي لاءِ طالبان جا حملا ختم ٿيڻ تي اسان به ويڙهه روڪڻ لاءِ تيار آهيون.

احمد مسعود چيو ته طالبان پنجشير ۽ ضلعي اندراب ۾ حملا ۽ ڪارروايون ختم ڪن ته اسان به ويڙهه ختم ڪري ڳالهيون ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.