عمران خان کان حساب وٺنداسين، معاف نه ڪنداسين: بلاول

ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کان حساب ڪتاب وٺنداسين ان کي معاف نه ڪنداسين.

ذيرا غازي خان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته عمران خان عوام جي ووٽ تي، کيسي تي ۽ پيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، اهو سليڪٽڊ رڳو عذاب آڻي سگهيو، مهانگائي ۽ بي روزگاري تاريخي سطح تي پهتي آهي.

بلاول ڀُٽو چيو ته آمريت جو مقابلو ڪندڙ ئي عمران خان کي ڀڄائيندا، ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، وزيراعظم ۽ وڏا وزير جيالا ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.