اسپتال ۾ عورت جون  رڙيون، عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو

 

ويٽنام(ويب ڊيسڪ)ويٽنام جي هڪ اسپتال ۾ ننڊ ستل عورت نرس کي ڏسندي رڙيون ڪرڻ لڳي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

عرب ميڊيا موجب ويٽنام جي هڪ اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ داخل عورت نرس کي ڏسي رڙيون ڪري سڄي اسپتال مٿي تي کنئي.

پهريان ته نرس به عورت جي رڙين تي ڇڪرجي وئي پر پوءِ جيئن جيئن اها ان کان پڇا ڪرڻ لڳي ته هوءَ رڙيون ڇو پئي ڪري تيئن ئي عورت رڙيون وڌائيندي رهي.

عورتن جي رڙين جي ڪري وارڊ ۾ موجود ٻيا مريض به ڊڄي ويا.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورت کي موجود عملو گهڻي دير تائين سمجهائيندو رهيو جنهن وقت عورت جي حواسن ڪم ڪيو ته پوءِ هوءَ چپ ٿي وئي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت جي اهڙي عمل تي موجود عملو کِلي رهيو آهي.

واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ نظر اچي رهيو آهي ته هڪ عورت پنهنجي بيڊ تي ننڊ ستل آهي، ڪورونا کان بچاءَ جو اڇو لباس پهريل نرس جيئن ئي انجي بيڊ جي ويجهو وئي ته عورتون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.

عورت سمجهو ته اسپتال ۾ شايد ڪو جن اچي ويو آهي يا وري موت جو فرشتو کيس وٺڻ آيو آهي.

عورت جي رڙين تي ڀر ۾ ويٺل مريض به پريشان ٿي وڃي ٿو جڏهن ته ٿوري ئي وقت ۾ عملي ۾ موجود ٻه ٻيون نرسون اچن ٿيون پر عورت تڏهن به رڙيون بند نٿي ڪري.

عملو عورت کي سمجهائي رهيو آهي ته چپ ڪيو، اسان نرسون آهيون، پر عورت جون رڙيون بند نه ٿيون ٿين.

ٿوري دير کانپوءِ عورت جو دماغ پنهنجي جاءِ تي اچي وڃي ٿو ۽ عورت کي ياد اچي وڃي ٿو ته هوءَ اسپتال ۾ آهي ۽ کيس سمجهه اچي ٿي ته هي جن ڀوت نه پر نرسون آهن جيڪي سندس علاج لاءِ مقرر ٿيل آهن.

ان سڄي منظر بعد عملو کلندو رهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.