اجتماعي زيادتي جو شڪار ڇوڪري زندگي وڃائي ويٺي

 

گجرات(ويب ڊيسڪ) گجراب جي علائقي غازي چڪ ۾ 3 سيپٽمبر تي ٽن جوابدارن ڇوڪري کي اغوا بعد اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.

جنهن کانپوءِ ناري جي حالت خراب ٿيڻ سبب جوابدار کيس ڦِٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا جيڪا هاڻي زندگي جي جنگ هارائي وئي آهي.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڇوڪري جو موت زهريليون گوليون کائڻ سبب ٿيو آهي.

پنجاب پوليس جي ترجمان چيو آهي ته ڇوڪري موت زهريلي گورين سبب ٿيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي.

وزيراعليٰ پنجاب هدايتون جاري ڪيون آهن ته هر صورت ۾ ڇوڪري جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ان حوالي سان آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته ڇوڪري جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ ترجيحي بنيادن ۾ آهي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي وڌيڪ گرفتاريون ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.