ننڍڙي عادت اپنائڻ سان صحت جا وڏا فائدا!

 

اسان سڀني کي خبر آهي ته ناريل جي تيل جا تمام گهڻا فائدا آهن. طبي سائنس به ناريل جي تيل جي فائدن جي تصديق ڪري چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ناريل جي تيل کي ”جادوئي تيل“ به چيو ويندو آهي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ناريل جي پاڻي جا صحت تي ڪيترا ۽ ڪهڙا فائدا آهن؟

روزانا ٿوري مقدار ۾ ناريل جي پاڻي جو استعمال صحت لاءِ وڏو فائديمند آهي.

ناريل قدرتي شين سان ڀرپور هوندو آهي جنهن جي ڪري ناريل جو پاڻي به صحت لاءِ وڏو فائديمند هوندو آهي.

ناريل جي پاڻي جي گهڻن فائدن جو سبب ان ۾ موجود اليڪٽروليٽس جو گهڻو مقدار آهي جنهن ۾ پوٽيشيم، ڪيلشيم ۽ ميگنيشم جهڙا منرل به موجود آهن.

پوٽيشيم هڪ اهڙي شيءِ آهي ۽ اهڙو ضروري منرل ۽ اليڪٽروليٽ آهي جنهن جي ضرورت انسان جي جسم ۾ موجود رڳن کي بهتر ڪرڻ ۾ پوندي آهي.

ناريل جي پاڻي ۾ عذا جي ان جي اهم جز جي موجودگي رڳن کي فائدو ڏيندي آهي.

هڪ ڪوپ ناريل جي پاڻي ۾ 19.2 ملي گرام ڪيلشيم هوندو آهي ۽ گهڻي قدر ماڻهو تمام گهٽ مقدار ۾ ڪيشيم کي جسم جو جز بڻائيندا آهن جنهن جو نتيجو هڏين جي مسئلن جو نڪرندو آهي.

ان جي هڏا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ جنهن جي ڪري اهي ٽٽي به پوندا آهن.

ناريل جو پاڻي انهن ماڻهن جي لاءِ ته وڏي خوراڪ ۽ اهم شيءِ آهي جن کي کير پيئڻ ناهي وڻندو يا جيڪي کير ناهن پيئندا.

100 ملي ليٽر ناريل جي پاڻي ۾ 6 ملي گرام ميگنيشم موجود هوندو آهي، ميگنيشم جسم سان لاڳاپيل سمورن ڪمن پروٽين ٺاهڻ، بلڊ شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر ليول ريگوليٽ ڪرڻ، رڳن ۽ اعصاب واري نظام کي سنڀالڻ جو ڪم ڪندو آهي.

مناسب مقدار ۾ ميگنيشم جو استعمال نه ڪرڻ مختلف مسئلن جو سبب بڻبو آهي جڏهن ته ان جون علامتون الٽي اچڻ، ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ جي شڪل ۾ ظاهر ٿينديون آهن.

ناريل جو پاڻي 94 سيڪڙو پاڻي ۽ تمام گھٽ چرٻي تي مشتمل آھي. ھڪ پيالي پاڻيءَ ۾ 60 ڪيلوريز هونديون آهن.

ساڳئي ريت 15 گرام ڪاربوهائيڊريٽ، 8 گرام کنڊ ، روزاني گهرج جي ڪيلشيم جو 4 سيڪڙو، روزاني مگنيشيم جي گهرجي جو 4 سيڪڙو، روزاني فاسفورس جي گهرج جو 2 سيڪڙو، ۽ روزاني پوٽاشيم جي گهرج جو 15 سيڪڙو جسم کي ملندو آهي.

فري ريڊيڪلز اهڙي غير مستحڪم ماليڪيولز کي چيو ويندو آهي جيڪي ميٽابولزم دوران سيل ٺاهيندا آهن، انهن ماليڪيولن جي پيداوار تناءَ يا انجري دوران وڌي ويندي آهي.

جڏھن جسم ۾ انھن ماليڪيولز جو مقدار تمام گھڻو ھجي ، جسم ۾ آڪسائيڊٽي اسٽريس بڻبو آھي جيڪو سيلز کي نقصان پھچائي ٿو ۽ مختلف بيمارين جو خطرو وڌائي ٿو.

جانورن جي تحقيقي رپورٽن مان معلوم ٿيو آهي ته ناريل جي پاڻي ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس فري ريڊيڪلز جي خلاف حفاظت ۾ مدد ڪري سگھن ٿا.

جانورن جي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ناريل پاڻي رت جي شگر جي سطح کي گھٽ ڪري سگھي ٿو.

ذيابيطس جي ڪوئن تي ٿيل هڪ مطالعي ۾ ناريل جو پاڻي رت جي شگر جي ليول کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

پر انسانن تي ان جي پوندڙ اثرن تي تصديق ڪرڻ لاءِ تحقيق جي ضرورت آھي. پر ھن پاڻيءَ ۾ موجود ميگنيشيم وٽ انسولين جي حساسيت وڌائڻ ۽ رت جي شگر جي سطح گھٽ ڪرڻ جون خاصيتون آھن.

ذيابيطس جي مريضن کي ڊاڪٽرن جي صلاح تي ھي پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي.

مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان گردن جي پٿر کي روڪي سگهجي ٿو، صاف پاڻي انھيءَ سلسلي ۾ سٺي چونڊ آھي پر ڪجھه تحقيقي رپورٽن ۾ چيو ويو آھي ته ناريل جو پاڻي بھترين آھي.

گردن ۾پٿري ان وقت ٺهندي آهي جڏھن ڪيلشيم، آڪسليٽ ۽ ٻيا مرڪب گڏجي ڪرسٽل ٺاهيندا آھن ۽ پوءِ انهن کان پٿر ٺاهيندا آھن.

8 ماڻهن تي ڪيل هڪ اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته ناريل جي پاڻي جو استعمال وڌائڻ سان پيشاب ۾ پوٽاشيم، ڪلورائيڊ ۽ سائٽريٽ جو اخراج وڌي ٿو ، جيڪو گردن جي پٿر جو خطرو گھٽائي ٿو.

ناريل جو پاڻي اليڪٽرولائيٽس تي مشتمل آھي جيڪي جسم کي ھائيڊريٽ رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا، تنھنڪري جيڪي ماڻھو جسماني طور تي گرم موسم ۾ سرگرم رھندا آھن انھن کي پنھنجي غذا ۾ ناريل جو پاڻي شامل ڪرڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.