طالبان ڇوڪرين کي تعليم جاري رکڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان شاگردياڻين کي مشروط طور تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول ۾ اچڻ کانپوءِ مختلف تبديليون سامهون اچي رهيون آهن ۽ دنيا کي سڀ کان وڌيڪ خدشا عورتن جي حوالي سان آهن.

ان سلسلي ۾ طالبان طرفان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين کي تعليم جاري رکڻ لاءِ مختلف شرط رکيا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان نجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽيون سڀاڻي سومر کان مشروط طور کولڻ جي اجازت ڏيندي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون آهن.

طالبان چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڇوڪريون تعليمي سلسلو مڪمل نقاب سان جاري رکي سگهن ٿيون، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون ڪلاسون ڌار ڌار يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ پردي سان الڳ هونديون.

طالبان موجب شاگردياڻين لاءِ اهڙو عبايو يا نقاب لازمي هوندو، جنهن سان انهن جي اکين کانسواءِ سڄو چهرو ڍڪجي وڃي.

طالبان جي تعليم واري وزارت طرفان جاري دستاويزن موجب شاگردياڻين کي رڳو عورتون ئي پڙهائي سگهنديون پر جيڪڏهن ائين ممڪن نه ٿي سگهيو ته سٺو ڪردار رکندڙ ڪنهن پيرسن شخص کي ان ڪم لاءِ رکيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.