آصف زرداري جي دور ۾ آبادگار خوشحال هو: بلاول ڀٽو زرداري

 

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير جيالو هوندو.

ڊيري غازي خان ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوجوان هجي يا پيرسن، امير هجي يا غريب سڀ پريشان آهن، اها ڪهڙي قسم جي تبديلي آهي، خان صاحب اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو، مهانگائي ۽ غريب تاريخي سطح تي آهي، اسان انهن کي معاف نه ڪنداسين، حساب وٺنداسين.

هن چيو جڏهن آصف زرداري صدر هو ته آبادگار خوشحال هو، آصف زرداري جي دور ۾ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ شروع ٿي وئي هئي، پ پ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، اسان پنهنجي دور ۾ پگهارن ۾ 120 سيڪڙو واڌ ڪئي، پينشن ۾ 100 سيڪڙو ۽ فوج جي پگهارن ۾ 175 سيڪڙو واڌ ڪئي سين.

پ پ چيئرمين جيالن کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان توهان جي ووٽ، توهان جي کيسي، توهان جي پيٽ ۽ توهان جي روزگار جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي، ان هٿ ٺوڪئي کي گهر موڪلي ملڪ ۾ عوامي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏيو، اسان هن هٿ ٺوڪئي کي ڪيرائينداسين، ايندڙ وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير جيالو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.