سنڌ ۾ ڪورونا جا 1016 نوان ڪيس، 5 فوتگيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 1016 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته 5 مريض فوت پڻ ٿي ويا آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ وڌيڪ 1016 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 437973 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته صوبي ۾ سامهون آيل 1016 ڪيسن مان 335 جو واسطو ڪراچي شهر سان آهي.

بيان موجب سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 5 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو مجموعي انگ 6960 ٿي ويو آهي.

وڏي وزير ٻڌايو ته اڄ وڌيڪ 1000 مريض صحتياب به ٿيا، ائين هيل تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 382648 ٿي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت 48365 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 739 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته  66 وينٽي ليٽر تي آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.