ڪارن مرچن ۾ صحت ۽ خوبصورتي جو لڪل راز

 

صدين کان ڀاڄين ۾ مصالحي طور استعمال ٿيندڙ ڪاري مرچن ۾ ڪيترائي فائدا آهن ڪارن مرچن جو استعمال توهان کي بيمارين کان بچائڻ سان گڏ توهان جي صحت لاءِ به گهڻو فائديمند آهي.

صحت جي ماهرن موجب ڪاري مرچن جي 100 گرام ۾ 251 ڪيلوريز، 5 سيڪڙو فيٽ، 7 سيڪڙو سيچوريٽڊ فيٽ، 21 سيڪڙو پوٽيشم، 100 سيڪڙو ڊائٽري فائبر، 10 سيڪڙو پروٽين، 10 سيڪڙو وٽامن اي، 44 سيڪڙو ڪيلشيم، 53 سيڪڙو آئرن، 15 سيڪڙو وٽامن بي 6، 42 سيڪڙو ميگنيشم ۽ 20 ملي گرام سوڊيم موجود هوندو آهي.

صحت جي ماهرن موجب ڪاري مرچن جي استعمال سان معدو هائڊرو ڪلورڪ ايسڊ نالي هڪ معدو خارج ڪندو آهي جيڪو معدي ۽ آنڊن جي صفائي ۽ صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي، هائڊرو ڪلورڪ ايسڊ سان آنڊن ۾ موجود فاضل مادن جو صفايو ٿي ويندو آهي، معدي ۽ آنڊن جي صفائي جي نتيجي ۾ گڏيل صحت تي هاڪاري اثر پوندي آهي، ان قبضي جي شڪايت ۾ به گهڻو آرام ملندو آهي.

ان سان گڏ ڪارن مرچن جي استعمال سان مضبوط مدافعتي قوت بهترين ٿيندي آهي، وٽامن سي، اي ۽ ڪي جي موجودگي مدافعتي قوت کي وڌائيندي آهي.

ڪارن مرچن ۾ موجود ٿائمن، پيري آڪزائن، ريبوفليون، فالڪ ايسڊ، ڪوپر ۽ ڪيلشيم به صحت جي لاءِ گهڻي فائديمند آهي.

نه رڳو ايترو پر ڪارن مرچن جو استعمال پيٽ واري عورتن لاءِ به تمام گهڻو فائديمند هوندو آهي.

ڪارن مرچن جي استعمال سان ٿولهه به گهٽائي سگهجي ٿي ۽ وزن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، جيڪڏهن توهان وزن گهٽائڻ جاخواهشمند آهيو ته پنهنجي کاڌن ۾ ڪارن مرچن جو استعمال روز جي بنياد تي ڪيو، هڪ چپٽي يا ذائقي موجب پيٺل ڪارا مرچ پنهنجي پيئڻ واري شين ۽ سبز چانهه ۾ به ملائي استعمال ڪري سگهجن ٿا ان طريقي سان وزن ڪِلو جي حساب سان گهٽبو آهي.

بيماري هونئن ته ڪهڙي به هجي اها بُري ئي هوندي آهي پر ڪينسر سڀني بيمارين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.

غذائي ماهرين جو چوڻ آهي ته ڪارا مرچ ڪينسر جا خطرا گهٽائڻ لاءِ به وڏا فائديمند ثابت ٿين ٿا، پيٺل ڪارا مرچ ۽ هيڊ کير ۾ ملائي استعمال ڪري سگهجن ٿا.

انکانسواءِ ٿڌ جو اثر ۽ وبائي انفيڪشن دوران اهڙي کير جي استعمال سان بيماري مان جلد آرام ملندو آهي.

ڪارن مرچن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، وٽامن اي، ڪيروٽنائيڊ شيون ملن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي استعمال سان ڪينسر مان به بچي سگهجي ٿو.

ان سان گڏوگڏ چمڙي جي بيمارين جي علاج لاءِ به ڪارا مرچ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا آهن، ڪاري مرچن جي استعمال سان رنگ صاف ۽ شفاف رهندو آهي ۽ چمڙي تي ٿيندڙ داغ وغيره ۽ سج جي روشني جي ڪري سڙيل چمڙي لاءِ به فائديمند آهن.

سگريٽ جو استعمال عام ملندو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو ڪينسر سميت ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو، ڪارا مرچ سگريٽ پيئڻ جي عادت ڇڏڻ لاءِ به بهترين آهن.

هڪ سائنسي تحقيق موجب نڪوٽين استعمال ڪندڙ ماڻهو ڪاري مرچن جي تيل جي خوشبو سنگهن ته انهن ۾ تماڪ واپرائڻ واري خواهش ۾ گهٽتائي ايندي آهي.

ڪارا مرچ جرثومن کان فائدو ڏيندڙ ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀريل هوندا آهن جيڪا صاف چمڙي ماڻڻ ۾ مدد ڪندا آهن، ڪارا مرچ رت جي دوري کي قدرتي طور وڌائيندا آهن ۽ پنهنجي حرارت سان چمڙي ۾ پمپلز (بوڻين نِما ڳوڙهن) کي کولي صاف ڪري ڇڏيندا آهن.

نه رڳو ايترو پر ڪارا مرچ ڪپڙن جو رنگ بچائڻ لاءِ به تمام فائديمند هوندا آهن.

جيڪڏهن ڪنهن جي پسند واري خوبصورت رنگ جا ڪپڙا ڦِٽي هلڪا ٿي ويا آهن ته پريشان نه ٿيو، ڇو ته ان کان بچڻ لاءِ هڪ چانهه جو چمچو ڪاري مرچن جو واشنگ مشين ۾ وڌل ڪپڙن تي ڇٽيو، جنهن کانپوءِ مشين هلايو، ڪارا مرچ ڪپڙن جي رنگ کي برقرار رکندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.