طالبان جي پنجشير جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي دعويٰ

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان جي صوبي پنجشير جي سڀني ضلعن تي ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب افغان طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمد واثق دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان پنجشير وادي جي سڀني ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.

طالبان چيو آهي ته وچ پنجشير واري هنڌ مزاحمتي فورس سان جنگ جاري آهي، گڏوگڏ طالبان وڏي انگ ۾ مزاحمتي فورس جا هٿيار به قبضي ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هوڏانهن مزاحمتي فورس جي ترجمان فهيم دشتي طالبان جي اهڙي دعويٰ جي ترديد ڪئي آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته مزاحمتي فورس طالبان پريان ضلعي جو ڪنٽرول واپس حاصل ڪري ورتو آهي ۽ طالبان کي وڏو نقصان پهچايو آهي.

واضح رهي ته طالبان ۽ پنجشير جي قومي مزاحمتي فورس وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ وادي ۾ جنگ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.