اوٻاوڙو، پکو، دوڙ ۽ هالاڻي جون خبرون

اوٻاوڙو: جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف ريلي، ڌرڻو

پکو: تنيا برادري جو بااثر خلاف احتجاج

دوڙ: سنڌ گروورس آرگنائيزيشن پاران ڪمند جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف ڌرڻي جو اعلان

ھالاڻي ڀرسان نوجوان قتل

اوٻاوڙو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران افغانين پناهگيرن سميت ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن عبدالمجيد سنڌي، فقير رمضان ڪلوڙ، ڪمال مهر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڳ به سنڌ۾ 30 لک کان وڌيڪ افغاني مهاجرن کي پناهه ڏيئي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ هاڻ سنڌ ۾ وڌيڪ ڌاري آبادڪاري برداشت نه ڪئي ويندي.

پکو ۾ تنيا برادري پاران بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ الھڏنو تنيو جي رھواسين نواب علي تنيو , صحبت علي , احمد خان  ۽ ٻين دانھيندي چيو ته گھرن اڳيان موجود سرڪاري کڏ آھي جيڪا ڳوٺ جي نيڪال لاءّ استعمال ٿئي ٿي جنهن تي ڳوٺ ڪجھ شرپسند علائقي جي بااثر شخص سان ملي ڪري قبضو ڪرڻ چاھين ٿا.

هنن چيو ته منع ڪرڻ تي بااثر ھٿياربند موڪلي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي بااثر سرڪاري کڏ تي قبضو ڪري مڇي جو تلاءُ ٺاھڻ ٿو چاھي. پکو پوليس کي شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس بااثر خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري رهي،

ڳوٺاڻن ايس ايس پي قمبر، ڊي سي ۽ ٻين اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

سنڌ گروورس آرگنائيزيشن ڪمند جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف حبيب شگر مل نوابشاهه آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ گروورس آرگنائيزيشن  جي اڳواڻن رضا محمد، حاجي محمد اسحاق چانڊيو،  الاھي بخش گورچاڻي ۽ دوڙ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شگر ملڪ مالڪن پاران ڪمند جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويندو ڌرڻي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ رابطا مهم کي تيز ڪيو  ويو آهي.

اڳواڻن چيو ته  سنڌ اند ر زرعي معيشت کي تباھ ڪيو پيو وڃي سنڌ جي  آبادگارن  کي شگرملز مالڪ رهتون ادا نه پيا ڪن،

اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي رحتون ادا ڪيون وڃن.

ھالاڻي  ڀرسان جوابدارن گھر ۾ گھڙي  نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

 ڳوٺ اسلام مھيسر ۾ گھرو معاملي تان جوابدارن عامر مھيسر کي تيز دار آلي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا.

اطلاع تي ھالاڻي پوليس پهچي نوجوان جي لاش کي رورل ھيلٿ اسپتال پھچايو جتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

 قتل ٿي ويل نوجوان جي پيءُ  سڪندر مھيسر ٻڌايو ته جوابدارن سال اڳ گھر ۾ گھڙي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ھئي جنهن تي نوجوان جوابدارن کي ڪٽڪو ڏنو هو جنهن کان پوءِ ٺاهه ٿي ويو هو پر جوابدارن ٻيهر گھر ۾ گھڙي نوجوان پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي.

رابطو ڪرڻ تي هالاڻي پوليس ٻڌايو ته ٻن جوابدارن الاھي بخش، حنيف مھيسر ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن تي قتل جو  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.